اسلام آباد (شوبز) پاڪستاني اداڪاره مايا علي بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه سان ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو. پاڪستاني ويب سائٽ موجب مايا علي پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو ته کيس بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار سان فلم جي آچ ٿي ۽ هن فلم لاءِ آڊيشن پڻ ڏنو پر هو ڪجهه سببن جي ڪري فلم جو حصو نه بڻجي سگهي. هن چيو ته سندس خواهش آهي ته جيڪڏهن کيس موقعو مليو ته هو بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه سان ڪم ڪرڻ چاهيندي. مايا علي اڄ ڪلهه فلم ”پري هٽ لو“ جي اشتهاري مهم ۾ مصروف آهي.
