بريڪنگ نيوز

منهنجي خيال ۾ مائنس عمران خان ٿي چڪو آهي.، بجيٽ ۾انتظار به نه ڪيو ويو: عليمه خان

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته ڪي پي حڪومت کي بجيٽ پاس ڪرڻ جي ڪهڙي تڪڙ هئي؟ انهن ٻه ڏينهن انتظار به نه ڪيو، منهنجي خيال ۾ مائنس عمران خان ٿي چڪو آهي. اڊيالا جيل ٻاهران صحافي عليمه خان کان سوال ڪيو ته ڇا مائنس عمران خان ٿي چڪو آهي؟ عمران خان چيو هو ته بجيٽ سندس منظوري بنا پاس نه ٿيندي، هاڻ ٿي وئي آهي، ان تي عليمه خان ڪجهه دير سوچڻ کانپوءِ چيو ته منهنجي خيال ۾ ٿي ويو آهي. صحافي ٻيو سوال ڪيو ته ڪي پي اسيمبلي جا ميمبر چون ٿا ته علي امين گنڊاپور گهڻو طاقتور آهي، اسان کيس انڪار نٿا ڪري سگهون؟ ان تي عليمه خان چيو بار نٿا کڻي سگهو ته گهر هليا وڃو. ياد رهي ته خيبر پختونخواهه اسيمبلي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي عمران خان سان ملاقات بنا ئي بجيٽ منظور ڪري ورتي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ انرجِي هولڊنگ ڪمپني هن مالي سال لاءِ 113 ملين رپين جو هدف حاصل ڪيو آهي:ناصر حسين شاهه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي، ترقيات ۽ رٿابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے