بريڪنگ نيوز

آمريڪي سينيٽر ۽ سندس گهر واري تي رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ فرد جرم لاڳو

واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينيٽر باب مينن ڊيز ۽ سندس گهر واري تي رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آمريڪي سينيٽر باب مينن ڊيز ۽ سندس گهر واري مٿان اختيارن جو غلط استعمال ۽ مصري حڪومت کي فائدو پهچائڻ جا الزام آهن.ڊيمو ڪريٽڪ سينيٽر مينن ڊيز آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جو چيئرمين آهي، سينيٽر باب تي مصري اختيارين کي حساس ڄاڻ ڏيڻ جو به الزام لڳايو ويو آهي.آمريڪي  سينيٽر جي گهر جي تلاشي دوران هڪ لک ڊالر ماليت جو سون ۽ 4 لک 80 هزار ڊالر  پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايران جوهري افزودگي نه روڪيندو، آمريڪا سان ڳالهين جو فائدو ناهي: آيت الله خامنه اي

تهران(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي چيو آهي ته ”ايران جوهري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے