بريڪنگ نيوز

فاطمه قتل ڪيس: فياض شاهه 5 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

خيرپور: (ويب ڊيسڪ) راڻيپور ۾  تشدد ڪري ماريل معصوم ٻارڙي فاطمه قتل ڪيس جي جوابدار فياض شاهه سميت ٻن جوابدارن کي 5 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي.جوابدار فياض شاهه ۽ جوابدار منصور بٽ کي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس طرفان 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي  استدعا ڪئي وئي هئي ٻنهي جوابدارن کي سخت سيڪيورٽي ۾ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو.ايس ايس پي عابد بلوچ  ٻڌايو آهي ته مقتول فاطمه جي وارثن جي خدشن تي خانواهڻ جي ايس ايڇ او کي معطل ڪيو آهي. ٻارڙي جي وارثن جي الزامن تي ايس ايڇ او عبدالغني دايو خلاف جاچ جا حڪم ڏنا ويا آهن.پوليس موجب فياض شاهه کي فاطمه قتل ڪيس ۾ نه پر ڪٺ ڪوٺائي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن فياض شاهه گرفتاري کان اڳ دستگير هائوس تي پريس ڪانفرنس دوران قرآن تي هٿ رکي چيو هو ته فاطمه جي قتل سان منهنجو، منهنجي ڌيءَ حنا شاهه ۽ ناٺي اسد شاهه جو ڪوبه تعلق نه آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهوٽڪي ۾ گئس جا نوان ذخيرا دريافت،ماڙي پيٽروليم جي تصديق

گهوٽڪي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)سنڌ ۾ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ٿيا آهن، ماڙي پيٽروليم گئس جا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے