بريڪنگ نيوز

عام چونڊون 28 جنوري تي ٿينديون، (ن) ليگ ۽ پ پ ۾ سخت مقابلو ٿيندو: منظور وساڻ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ عام چونڊون 28 جنوري 2024 تي ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾  منظور وساڻ چيو آهي ته عام چونڊن ۾ پ پ ۽(ن) ليگ ۾ سخت مقابلو ٿيندو. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي خلاف سمورين پارٽين جو اتحاد بڻجندو. هن چيو ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس(جي ڊي اي) جو سنڌ مان صفايو ٿي چڪو آهي، هن ڀيري پ پ سنڌ ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي. پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ٻين صوبن مان به پاڪستان پيپلز پارٽي وڌيڪ سيٽون کڻندي. احتساب صرف مخصوص ماڻهن جو نه پر سڀني جو ٿيڻ گهرجي.منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته منهنجي خيال ۾ نوازشريف ملڪ واپس ايندو،  عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ گهرجي. نگران حڪومت جو ڪم چونڊون ڪرائڻ آهي، مهانگائي سبب غريب عوام متاثر ٿئي ٿو. ڪرپشن ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. احتساب جي نالي تي سياسي انتقام نه ورتو وڃي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيجنگ سان ڀائيواري مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجايو ويو آهي: صدر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري پنهنجي چيني هم منصب شي جِن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے