نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / بنگلاديش ۾ ٽرين حادثي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 ڄڻا فوت

بنگلاديش ۾ ٽرين حادثي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 ڄڻا فوت

ڍاڪا(مانيٽرنگ ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ ٻن مسافر ٽرينن وچ ۾ حادثي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. اهو هادثُ براهمن بريا ضلعي ۾ پيش آيو. پوليس ٻُڌايو ته صبح جو اٽڪل 2 وڳي ادين ايڪسپريس پليٽ فارم تي پهچڻ واري هئي ته ٻي ٽرين سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب ٽرين جي ٻن بوگين کي شديد نقصان پهتو، حادثي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 ڄڻا فوت ٿي ويا. ضلعي پوليس سربراهه حادثي ۾ 15 ڄن جي موت جي تصديق ڪندي چيو ته زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب فوتين جي انگ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. هن ٻُڌايو ته امدادي ڪم جاري آهي، هادثي جو سبب هن وقت تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 21 ڏينهن جي لاءِ ڪرفيو جو اعلان

رياض: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سعودي عرب جي سرڪاري اخبار(اردو نيوز) موجب سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے