اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اوپن سورس انٽيليجنس انڪشاف ڪيو آهي ته مئي 2025ع ۾ ڀارتي فضائي آپريشن سندور دوران ڀارت ڄاڻي واڻي عالمي سويلين اڏامن کي انساني ڍال طور استعمال ڪيو جنهن سان ڪيتريون ئي حياتيون خطري ۾ پئجي ويون ۽ اها عالمي انساني قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پاڪستان تحمل کانسواءِ جواب ڏئي ها ته ان نتيجي ۾ شهري فوتگيون ٿي سگهن پيون. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق اوپن سورس انٽيليجنس جي تجزيه ڪارن ۽ هوابازي جي ماهرن چيو آهي، ته فلائيٽ لاگ ۽ سيٽلائيٽ ڊيٽا ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي ته 7 مئي ته ٿائي ايئر ويز، ڪويت ايئر ويز، قطر ايئر ويز، چائنا سدرن ۽ ٻين پاران هلايل ڪيتريون ئي سويلن اڏامون ڄاڻي واڻي پاڪ ڀارت سرحد ويجهو انتهائي خطري واري فضائي رستي تي آندو ويو جن علائقن ۾ ڀارت هوائي حملا ڪري رهيو هو. اهو قدم ڀارت طرفان ڪارروائين ۽ حملا ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪيو ويو جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته پاڪستان طرفان جوابي ڪارروائي کي روڪڻ لاءِ سويلن جهازن کي ڄاڻي واڻي استعمال ڪيو ويو. ٽائيم لائين مان خبر پوي ٿي ته پاڪستاني وقت مطابق 12 لڳي 10 منٽن ۽ 12 لڳي 35 منٽن وچ ۾ اهي شهري اڏامون انهن خطري وارن علائقن ويجهو اڏامي رهيون هيون جتان ڀارت حملا ڪيا. پاڪستان ايئر فورسز جي بريفنگ کان پوءِ ان ڳالهه جي تصديق ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ 57 مسافر اڏامون جنگ سٽيل علائقن ۾ يا انهن جي آسپاس موجود هيون ۽ اهي اڏامون پاڪ فضائيه جي هدفن کي ويجهو هيون. اها سوچيل سمجهيل منصوبابندي جنيوا ڪنوينشز جي پروٽوڪول ۽ روم قانونن جي قلم 8 جي ڀڃڪڙي آهي جن ۾ فوجي ڪارروائين کان بچڻ لاءِ عام شهرين کي استعمال ڪرڻ کان منع ڪيو ويو آهي. اوپن سورس انڪشاف ۾ پاڪ فوج جي ڊي جي آءِ ايس پي آر جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان تحمل کانسواءِ جواب ڏئي ها ته ان جي نتيجي ۾ شهري فوتگيون ٿي سگهن پيون. انٽرنيشنل سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن وارن ادارن تي زور ڀريو ويو آهي ته هو ان واقعي جي جاچ ڪن ۽ عالمي مسافرن کي خطري ۾ وجهڻ ۽ جنگي اصولن جي ڀڃڪڙي تي ڀارت کي جوابده قرار ڏين. عالمي مسافر اڏامن کي ڍال طور استعمال ڪرڻ ڀارت جي ناقص فوجي حڪمت عملي جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو عالمي قانون ۽ انساني زندگي جي حوالي سان مودي حڪومت جي بي حسي کي ظاهر ڪري ٿو
