بريڪنگ نيوز

موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم وقت جي سڀ کان اهم ضرورت آهن: وزيراعظم

گلگت (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن کي وقت جي سڀ کان اهم ضرورت قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر سال موسمياتي تبديلين جي ڪري تباهي ٿي رهي آهي. سومر ڏينهن هتي پنهنجي دوري دوران گلگت ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي جائزي لاءِ منعقد ٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته تازن ڏينهن ۾ گلگت بلتستان ۾ مختلف هنڌن تي ڪڪر ڦاٽڻ سان سخت تباهي ٿي آهي، جنهن سان بابوسر، گانڇي، ديامر سميت ڪيترائي علائقا سخت متاثر ٿيا آهن. وزيراعظم حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جي لاءِ مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪندي چيو ته هو اڄ هتي مواصلات، پاڻي وسيلن، اين ڊي ايم اي سميت لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن جي وزيرن ۽ عملدارن سان گڏ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ آيو آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي ڪاربن گيسن جي اخراج ۾ اسان جو حصو تمام گهٽ آهي پر پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سخت متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته هر سال ٻوڏ تباهي جو سبب بڻجندي آهي، موسمياتي تبديلين جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ وقت جي ضرورت آهي. هن موسمياتي تبديلي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان ضروري قدم کنيا وڃن، دنيا ۾ موسمياتي تبديلين بابت ڪيتريون ئي ڪانفرنسون ٿين ٿيون جن ۾ اسان به حصو وٺون ٿا، دنيا کان لچڪدار انفراسٽرڪچر جي حوالي سان فنڊ آڻيون ٿا ڇو ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت سڄو ملڪ موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته هو جلد ئي ٻيهر گلگت بلتستان جو دورو ڪندو، جنهن ۾ گلگت بلتستان ۾ دانش اسڪول جو پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو. هن چيو ته هو سولر پارڪ منصوبي جي ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيو آهي، ان تي ڪم تيز ڪنداسين ۽ پنهنجي ذاتي نگراني ۾ منصوبي کي مڪمل ڪرائيندس.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ زرعي ۽ صنعتي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا ڪيترائي موقعا آهن: اسحاق ڊار

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے