بريڪنگ نيوز

ڪالهوڪي احتجاج ۾ ماڻهو ڇو نه پهتا. پارٽي ۾ انهي معاملي تي ڳالهائيندس: سلمان اڪرم راجا

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجه چيو آهي ته مان ڪالهوڪي احتجاج ۾ ماڻهن جي شرڪت نه ڪرڻ تي پارٽي ۽ عمران خان سان ڳالهائيندس اڊيالا جيل جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي سلمانا ڪرم راجه چيو ته توشه خانه ٽو جو ٽرائل مڪمل طور تي غير آئيني ۽ غير قانوني آهي. سائفر ڪيس ۾ به فيملي، ميڊيا ۽ وڪيلن کي داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو هو. هاءِ ڪورٽ جون چٽيون هدايتون آهن جيڪڏهن ميڊيا، وڪيل ۽ گهر ڀاتين کي داخلا نٿي ڏني وڃي ته اهو اوپن ٽرائل نه آهي هن چيو ته ڪالهوڪي احتجاج ۾ ماڻهو ڇو نه پهتا. پارٽي ۾ انهي معاملي تي ڳالهائيندس، مان سمجهان ٿو ته ڪالهوڪو ڏينهن ڪافي حد تائين ڪامياب رهيو. احتجاج انهي کان به وڌيڪ بهتر ٿي سگهيو ٿي، ماڻهو ڇو ناهن نڪتا انهي تي عمران خان سان مشاورت ڪنداسين سلمان اڪرم وڌيڪ چيو ته مان ۽ محمود اچڪزئي ڪالهه رات 11 وڳي تائين عمران خان جي ڀينرن سان چڪري انٽر چيننج تي رهياسين عمران خان طرفان سڏ ڏنل هجي ته پوءِ ڪيئن ڪو ايم اين اي بنا ڪنهن وجه جي پري رهي سگهي ٿو. احتجاج ۾ شامل نه ٿيڻ جو جيڪڏهن ڪو مناسب سبب ناهي ته انهي جو جواب ڏيڻو پوندو ٻئي طرف پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر ۽ ڪي پي ڪي جي اطلاعات واري صلاحڪار بيرسٽر سيف پي ٽي آءِ جي ڪالهوڪي احتجاج کي ڪامياب قرار ڏنو آهي. بيرسٽر گوهر چيو ته سموري ملڪ جي 170 ضلعن، سمورن تعلقن، يوسيز ۾ رڪارڊ احتجاج ٿيو. ڪالهه عوام ثابت ڪيو ته اهي پي ٽي آءِ باني سان گڏ آهن

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے