اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيشڪشيان صدارتي محل ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ انهن ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جو عزم ڪيو.صدر زرداري صدارتي محل ۾ پنهنجي هم منصب ڊاڪٽر مسعود پيشڪشيان جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ملاقات ۾، ٻنهي ملڪن وسيع ۽ باهمي طور تي فائديمند شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو، ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.ٻنهي اڳواڻن تڪرارن جي واڌ کي روڪڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مربوط سفارتي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري علائقائي معاملن تي ايران جي اصولي موقف جي تعريف ڪئي ۽ خطي ۾ تعاون لاءِ تهران جي مسلسل حمايت تي شڪريو ادا ڪيو. صدر ڏکئي وقت ۾ ايران جي اتحاد تي شڪريو ادا ڪيو.
