اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا گڏيل ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ ايران جي قيادت گڏيل واپار جي ڳاڻيٽي کي جلد کان جلد 10 ارب ڊالرن جي هدف تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان پرامن مقصدن لاءِ ايران جي ايٽمي پروگرام جي حمايت ڪري ٿو، دهشتگردي خلاف پاڪستان ۽ ايران جو موقف هڪ آهي، ڪنهن به قسم جي دهشتگردي کي برداشت نٿو ڪري سگهجي. اهڙو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان سان گڏ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن جي مٽاسٽا واري تقريب جي موقعي تي گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان ۽ پاڪستان ۾ ايران جي سفير ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي چيو ته اسان جي ڀاءُ ۽ دوست ملڪ جو صدر پهريون ڀيرو صدر طور پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به اوهان جا دورا ٿيندا. هن چيو ته ٻطرفي ملاقاتن دوران اسان ڀائيچاري، گڏيل لاڳاپن، مذهبي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي شعبن سميت جامع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. هن چيو ته ايران جو صدر پاڪستان لاءِ محبت جو جذبو رکي ٿو. هن چيو ته جون ۾ اسرائيل بنا ڪنهن ٺوس ثبوت جي ايران خلاف جارحيت ڪئي ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ان جي ڀرپور مذمت ڪئي. هن چيو ته هن جنگ جو ڪو به جواز نه هو. وزيراعظم حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام طرفان جنگ ۾ ايران جي سائنسدانن، جرنيلن ۽ ٻين شهيدن لاءِ مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪندي چيو ته جنگ ۾ سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جي دليراڻي ۽ دانشمنداڻي قيادت ۾ ايراني فوج ۽ عوام بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ ايراني ميزائلن جي برسات ۾ اسرائيلي دفاع کي بري طرح بي نقاب ڪيو. هن چيو ته جنگ دوران ايران جي عوام ۽ حڪومت پنهنجي خودمختياري جو ڀرپور دفاع ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو اصولي موقف آهي ته گڏيل قومن جي چارٽر موجب پرامن مقصدن لاءِ ايٽمي طاقت جو پورو حق حاصل آهي، مان سمجهان ٿو ته ان حوالي سان پاڪستان، ايران جي اصولي موقف سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اڄ ڪيترن ئي معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحيون ڪيون آهن، منهنجي دعا آهي ته اهي ايم او يوز جلد معاهدن ۾ بدلجي وڃن ۽ اسان جي ٻطرفي واپار کي جلد کان جلد 10 ارب ڊالرن تائين واڌ ڏين. ان حوالي سان اسان جا وفد ڳالهين کي اڳتي وڌائيندا. هن چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان ۽ ايران جو موقف هڪ آهي، ڪنهن به قسم جي دهشتگردي کي برداشت نٿو ڪري سگهجي. اسان خطي ۾ امن ۽ ترقي جي شاهراهن کي کولڻ لاءِ ڪيترائي سئو ڪلوميٽر ڊگهين سرحدن کي کولڻ لاءِ دهشتگردي خلاف ڀرپور تعاون کي يقيني بڻائينداسين ته جيئن هميشه لاءِ دهشتگردي کي ختم ڪري سگهجي. وزيراعظم شهباز شريف غزه ۾ بدترين ڏاڍ جي حوالي سان آواز بلند ڪرڻ تي ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنائي ۽ ايران جي صدر کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان هميشه غزه ۽ فلسطين جي عوام لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو آهي، هاڻوڪن ڏينهن ۾ نائب وزيراعظم گڏيل قومن ۾ ان حُوالي سان پاڪستان جو ڀرپور موقف پيش ڪيو. هن چيو ته هر لمحي بي گناهه معصومن کي ذبح ڪيو پيو وڃي، بزرگن، عورتن ۽ نوجوانن جي رت سان گهٽيون ڳاڙهيون آهن، ان کان وڌيڪ ظلم اهو آهي ته پاڻي، خوراڪ ۽ دوائن جي داخلا بند ڪري کين بک تي مجبور ڪيو ويو آهي، اهي منظر ڏسڻ جو حوصلو ناهي. وزيراعظم چيو ته پوري دنيا کي هڪ آواز ٿي غزه جي حوالي سان آواز اٿارڻ گهرجي. امن جي قيام لاءِ عالمي برادري کي توانائيون ڪتب آڻڻيون پونديون نه ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. غير قانوني ڀارتي والاريل ڄمون ڪشمير جي صورتحال جو ذڪر ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پوري وادي معصوم ڪشميرين جي رت سان ڳاڙهي آهي، ڪشميرين کي به آزادي جو حق آهي ۽ ان کانسواءِ انهن جي آزادي مڪمل نه ٿيندي، پاڪستان ان حوالي سان هميشه آواز اٿاريو ۽ اٿاريندو رهندو. اسان ايران جا به ٿورائتا آهيون ته ايران هميشه ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاريو آهي، وزيراعظم سعدي شيرازي جي شعرن جو حوالو پڻ ڏنو جنهن ۾ چيو ويو ته سٺي وقت ۾ هرڪوئي دوست هوندو آهي ۽ دوستي جي دعويٰ ڪري ٿو پر دوست اهو هوندو آهي جيڪو ڏکي وقت ۾ دوست جو هٿ پڪڙي وٺي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان قرآني آيتن جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته اسان جو دوست اسان جو پاڙيسري ملڪ پاڪستان اسان جو ٻيو گهر آهي، هن وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ حڪومت طرفان شاندار ميزباني تي ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪستان جي حڪومت، پارليامينٽ ۽ عوام طرفان ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي اڳرائي خلاف ڀرپور موقف اختيار ڪيو ۽ اسان جو ساٿ ڏنو آهي جنهن تي اسان ٿورائتا آهيون. هن چيو ته شاعر مشرق علامه اقبال به پنهنجي شعرن ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو ۽ مسلم قوم کي وحدت قرار ڏنو. هن چيو ته اسان جي دوستي ۽ لاڳاپا گهري تاريخي ۽ ثقافتي رشتن سان ڳنڍيل آهن. هن چيو ته مذهب جي بنياد تي اتحاد جو سبق اسان جي پيغمبر پڻ ڏنو هو ۽ جيستائين اسان متحد رهنداسين ته اسان جي خودمختياري قائم رهندي. ايراني صدر چيو ته ايران پاڪستان کي پنهنجو پاڙيسري ئي نه پر ڀاءُ سمجهي ٿو. هن چيو ته گڏيل لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏئي اسان گڏيل واپار کي 3 ارب ڊالرن کان تمام جلد 10 ارب ڊالرن جي هدف تائين واڌ ڏئي سگهون ٿا. اڄ اسان سياست، ثقافت ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيترن ئي دستاويزن تي صحيحون ڪيون آهن جنهن سان ٽرانسپورٽ، سائنس ٽيڪنالاجي، ثقافت، سياحت ۽ ڪاروباري شعبن جي ترقي ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اسان انهن معاهدن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان گڏيل رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون، ايراني صدر چيو ته ٽرانزٽ ٽريڊ جون راهداريون ريل، روڊ ۽ سامونڊي روٽس جي ترقي، بارڊر مارڪيٽس، گڏيل فري اڪنامڪ زونز جو قيام اسان لاءِ تمام ضروري آهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي رابطن ۾ استحڪام ۽ واڌ ايندي. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردن خلاف سرحدي علائقن ۾ خطرن جي روشني ۾ ٻنهي ملڪن جي عوام جي تحفظ لاءِ گڏيل قدم اڻٽر آهن، ايران جي صدر چيو ته علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ٻنهي ملڪن جي راءِ گڏيل آهي ۽ معاشي رابطن کي هٿي ڏيڻ سان ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. هن فلسطين، لبنان ۽ شام ۾ انساني حقن جي پائمالين جي اسرائيلي قدمن جي ڀرپور مذمت ڪندي چيو ته اسرائيل نسل ڪشي جي قدمن جو سبب بڻيو آهي. هن فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران يقين رکن ٿا ته علائقائي ۽ عالمي سطح تي گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ سان توسيع پسنداڻن ارادن کي روڪي سگهجي ٿو ته جيئن خطي ۾ سيڪيورٽي ۽ سلامتي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي جارحيت جي خاتمي لاءِ علائقائي ۽ عالمي سهڪار جي ضروت آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٻٽي معيار کي ترڪ ڪندي اڳرائي جو خاتمو يقيني بڻائڻ گهرجي، ميمبر ملڪن جي خودمختياري يقيني بڻائڻ لاءِ گڏيل قومن جي جامع ڪردار جي ضرورت آهي. پنهنجي ڳالهه ٻولهه جي آخر ۾ مهمان نوازي تي هڪ دفعو ٻيهر ٿورو مڃيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ايران جي دوري جي دعوت پڻ ڏني ته جيئن گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي عمل کي وڌائي سگهجي. ان کان اڳ پاڪستان ۽ ايران مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن جي ڏي وٺ ڪئي. ان حوالي سان ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم هائوس ۾ خصوصي تقريب جو بندوبست ڪيو ويو، تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مجموعي طور 12 دستاويزن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جن ۾ مُک پلانٽ پروٽيڪشن ۽ پلانٽ ڪورينٽائن جو معاهدو هو. ايران جي معدنيات، صنعت ۽ واپار واري وزير محمد آتابڪ ۽ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين دستاويزن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستان ۽ ايران مير جاوي تافتان بارڊر گيٽ جي گڏيل استعمال جي معاهدي جي دستاويزن جي مٽاسٽا ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ۽ ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ڪئي. ان موقعي تي ايران جي پارديز ٽيڪنالاجي پارڪ ۽ پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽيفڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ وچ ۾ سائنس ٽيڪنالاجي ۽ ايجادن جي حوالي سان سهڪار لاءِ ايم او يو جي دستاويزن جي ڏي وٺ ايران جي پاڪستان جي سفير رضا اميري مقدس ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي ڪئي. انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ حصيداري لاءِ ايم او يو دستاويزن جي مٽاسٽا ايران جي معدنيات، صنعت ۽ واپار واري وزير محمد آتابڪ ۽ آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه وچ ۾ ٿي. اهڙي طرح ڪلچر اينڊ آرٽ، سياحت، سائنس، تعليم، ٽيڪنالاجي، صحت ۽ فيملي افيئرز، ماس ميڊيا ۽ اسپورٽس جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ايڪسچينج پروگرام جي دستاويزن جي ڏي وٺ ثقافت ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب خان کچي ۽ ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي وچ ۾ ٿي. پاڪستان ۽ ايران جي ميٽرولوجيڪل جي ادارن ۾ گڏيل تعاون جي ايم او يو جي دستاويزن جي ڏي وٺ بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ايران جي وزير محمد آتابڪ ڪئي. ميري ٽائيم سيفٽي ۽ فائر فائٽنگ جي شعبي ۾ ايم او يو جي دستاويزن جي ڏي وٺ ايران جي روڊز ۽ اربن ڊولپمينٽ واري وزير فرزانه صادق ۽ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري وچ ۾ ٿي. تقريب دوران ڪرمنل معاملن ۾ جوڊيشل اسسٽنس جي حوالي سان ايم او يو جي دستاويز جي به مٽاسٽا ڪئي وئي ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي دستاويزن جي ڏي وٺ ڪئي. اهڙي طرح 2013ع جي فضائي خدمتن جي ايگريمنٽ جي ضمني ايم او يو جي دستاويزن جي ڏي وٺ بچاءُ واري وزارت جي سيڪريٽري لفيٽيننٽ جنرل (ر) محمد علي ۽ ايران جي روڊ اينڊ اربن ڊولپمينٽ جي وزير فرزانه صادق ڪئي. پاڪستان ۽ ايران، ايران جي نيشنل اسٽينڊرڊز آرگنائيزيشن ۽ پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي وچ ۾ شين جي رجسٽريشن ۽ انسپيڪشن، ٽيسٽنگ وغيره جي حوالي سان ايم او يو تي عملدرآمد جي دستاويزن جي مٽاسٽا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي ۽ ايران جي پاڪستان ۾ سفير رضا اميري مقدم ڪئي. سياحت جي شعبي ۾ سال 27-2025ع دوران گڏيل تعاون تي عملدرآمد جي حوالي سان سياسي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ ايران جي وزير فرزانه صادق دستاويزن جي ڏي وٺ ڪئي. تقريب جي آخر ۾ آزاداڻي واپار جي معاهدي جي حوالي سان بين الوزارتي بيانيه جي دستاويزن جي مٽاسٽا واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ايران جي وزير محمد آتا بڪ ڪئي.
