نئين دلي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي فوج جو سربراهه جنرل بپن راوت آزاد ڪشمير تي قبضي جو خواب ڏسڻ لڳو.جنرل بپن راوت پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ڀارتي فوج پاڪستان جي آزاد ڪشمير تي قبضو ڪرڻ لاءِ پوري تيار آهي، جڏهن ته ان حوالي سان حتمي فيصلو حڪومت کي ڪرڻو آهي، جيڪڏهن حڪومت اسان کي حڪم ڏئي ته اسان جون سموريون پيشيوراڻيون تياريون پوريون آهن.ڀارتي ميڊيا موجب هڪ سوال جي جواب ۾ ته پاڪستاني پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ تقريب ۾ جمون ڪشمير کي ڀارتي ڪشمير چيو آهي.ان جي جواب ۾ بپن راوت جو چوڻ هو ته مون کي خوشي آهي ته پاڪستاني پرڏيهي وزير حقيقت قبول ڪئي آهي ۽ اها حقيقت آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ بپن راوت جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ گذريل 30 سالن کان پريشاني آهي ۽ ڀارتي فوج جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي هو سندن مفاد ۾ وڃي ٿو ۽ تمام جلد کين خبر پئجي ويندي ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي.
