تهران (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته اسرائيل مون کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر محفوظ رهيس. هڪ انٽرويو ۾ ايراني صدر کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اسرائيلي حڪومت کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؟ جنهن تي مسعود پزشڪيان چيو ته ها اسرائيل اهڙي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيو ۽ منهنجو ايمان آهي ته زندگي ۽ موت جو فيصلو رڳو الله جي هٿ ۾ آهي. هن چيو ته مان ملڪ ۽ قوم لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ۽ اسان جي حڪومت جو هر فرد ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. کانئس سوال ڪيو ويو ته توهان کي ڪيئن خبر پئي اسرائيل نشانو بڻائڻ وارو آهي؟ جنهن تي مسعود پزشڪيان چيو ته جنگ دوران مان هڪ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هيس ۽ اسرائيل کي پنهنجي جاسوسن ذريعي ان هنڌ جو علم ٿي ويو ۽ انهن اتي بمباري شروع ڪئي پر ناڪام رهيا.

Iranian President Ebrahim Raisi speaks during a meeting with Azerbaijan's President Ilham Aliyev on the Azerbaijan-Iran border, May 19, 2024. Iran's Presidency/WANA (West Asia News Agency)/Handout via REUTERS