ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايران _ اسرائيل جنگبندي جي اعلان کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي اچي وئي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ اڱاري ڏينهن ڪاروبار جو هاڪاري رجحان نظر آيو ۽ ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس مجموعي طور تي 6079 پوائنٽن جي واڌ سان 122246 پوائنٽن تي بند ٿيو، ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 2355 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو. بازار ۾ اڄ 80 ڪروڙ 47 لک شيئرز جا سودا ٿيا، بازار ۾ اڄ ڪاروبار جي ماليت 37 ارب 61 ڪروڙ رپيا رهي، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 714 ارب رپيا وڌي 14778 ارب رپيا آهي.
