بريڪنگ نيوز

ايران پاران جنگبندي جي ڀڃڪڙي جا الزام رد، اسرائيلي بچاءَ واري وزير جو تهران کي نشانو بڻائڻ جو حڪم

تهران/تل ابيب/واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) گذريل ڪجهه ڪلاڪن دوران ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ ڪجهه ڊرامائي تبديليون ڏسڻ ۾ آيون آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اعلان ڪيو آهي ته ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي تي عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي، صدر ٽرمپ جي بيان کان رڳو هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ئي اسرائيل اعلان ڪيو ته هو آمريڪا جي تجويز ڪيل جنگبندي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته ايران اڳ ئي چئي چڪو هو ته جيڪڏهن اسرائيل جنگ روڪيندو ته هو به حملا بند ڪري ڇڏيندو. هاڻ اسرائيلي فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ايران طرفان ميزائل فائر ڪيا ويا، جن کي اسرائيلي فضائي دفاعي نظام اتر اسرائيل جي مٿان ئي روڪي ورتو. ان بيان کانپوءِ، اسرائيلي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاٽز اعلان ڪيو آهي ته هن اسرائيلي ڊيفينس فورسز (آءِ ڊي ايف) کي ايران پاران مبينا جنگبندي جي ڀڃڪڙي جو جواب ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ خاص طور تي تهران ۾ ايراني حڪومت کي نشانو بڻائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ان کان اڳ اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي هئي ته ايران طرفان فائر ڪيل ميزائل جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. آءِ ڊي ايف موجب، اسرائيلي فضائي دفاعي نظام خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي متحرڪ ۽ تيار آهي. ان ڏس ۾ اسرائيلي ڊفينس فورسز جي چيف آف جنرل اسٽاف ايال ضمير بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ايران پاران جنگبندي جي ”سخت ڀڃڪڙي“ جو جواب ”طاقت سان“ ڏنو ويندو. ٻئي پاسي ايران سختي سان انهن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، ايران جي هٿياربند فوج جي جنرل اسٽاف عبدالرحيم موسوي گذريل ڪجهه ڪلاڪن دوران اسرائيل ڏانهن ڪنهن به ميزائل فائر ڪرڻ جي ترديد ڪئي آهي. واضح رهي ته جنگبندي تي عملدرآمد کان اڳ به ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ سڄي رات شديد گولاباري جو سلسلو جاري رهيو. ايراني ميڊيا جي رپورٽن موجب، اسرائيل طرفان فائر ڪيل ميزائلن ۾ ملڪ جي گادي واري هنڌ ۽ ٻين شهرن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ نوَ ڄڻا شهيد ٿي ويا، جن ۾ هڪ ايراني جوهري سائنسدان پڻ شامل آهي. اسرائيل جي شهر بيرشيبا ۾ ايراني حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار ماڻهو مارجي ويا ۽ 22 زخمي ٿيا آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

موسمياتي تبديلي ۽ ترقيءَ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو: مصدق ملڪ

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ موسمياتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے