بريڪنگ نيوز

پاڪستان غزه بحران ۽ ايران- اسرائيل تڪرار تي اصولي مؤقف برقرار رکيو: انجنيئر امير مقام

پشاور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ملڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان غزه بحران ۽ ايران- اسرائيل تڪرار تي اصولي مؤقف برقرار رکيو، پاڪستان علائقائي امن لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو. اهڙو اظهار هن پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي انتظام هيٺ رٿيل تقريب کي خطاب دوران ڪيو. وفاقي وزير ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ تازي جنگبندي معاهدي جي آجيان ڪندي ان کي علائقائي ڇِڪتاڻ ۾ گهٽتائيءَ طرف هاڪاري قدم قرار ڏنو. هن اسرائيل کي ڌُرين وچ ۾ جنگ شروع ڪرڻ ۽ غزه ۽ فلسطين ۾ سنگين ظلمن جو مرتڪب ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بنايو. وفاقي وزير ملڪ جي هٿياربند فوج ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير جي اڳواڻيءَ کي آپريشن بنيان مرصوص دوران سندس فيصلائتي قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو جنهن دشمن جي اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. انجنيئر امير مقام حڪومت جي معاشي ۽ مالياتي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان کي هڪ امڪاني اقتصادي ڊيفالٽ کان بچايو. هن ناڻي واڌ ۾ 38 سيڪڙو کان 4 سيڪڙو تائين گهٽتائي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي استحڪام ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هاڪاري رجحان جو به ذڪر ڪيو. هن چيو ته اهي سڀ حڪومتي معاشي ۽ مالياتي پاليسين ۽ 26-2025ع جي عوامي ڀلائي بجيٽ جي ڪاميابيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. هن بجيٽ ۾ مخصوص رليف وارن قدمن جو ذڪر به ڪيو جن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ۽ اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا جي علائقن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ خاطرخواه رکيل فنڊز شامل آهن. هن چيو ته اڳوڻي فاٽا ۾ روايتي جرڳي نظام کي ٻيهر زندهه ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي ۽ قانوني ماهرن کي موجوده قانونن جي دائره ڪار ۾ قبائلين کي فوري انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ تجويز پيش ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي. انجنيئر امير مقام پي ٽي آءِ قيادت جي صوبائي بجيٽ جي منظوريءَ بابت کوکلن نعرن تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ڪي پي ڪي جو بجيٽ گذريل رات مناسب صلاح مشوري کانسواءِ جلدبازي ۾ منظور ڪيو ويو. هن چيو ته هي اسان جو صوبو آهي ۽ عوام کي مينڊيٽ ذاتي ايجنڊا بجاءِ عوامي ڀلائي لاءِ استعمال هئڻ گهرجي. وفاقي وزير پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ وڪيل برادريءَ کي 2007ع ۾ عدليه جي بحالي ۾ سندن تاريخي ڪردار ۽ سائلين کي فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ سندن مسلسل خدمتن کي ساراهيو. هن چونڊيل ڪابينه جي مُدت هڪ سال مان وڌائي 2 سال ڪرڻ جي تجويز ڏني ته جيئن قدمن کي بهتر تسلسل ۽ لاڳو ڪرڻ کي يقيني بنائي سگهجي. تقرير جي پڄاڻيءَ تي وفاقي وزير پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن لاءِ 10 ملين رپين جي گرانٽ جو اعلان ڪيو ۽ ان تاريخي بار کي خطاب ڪرڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي دؤري جي انتظام جو وعدو ڪيو. ان کان اڳ پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ۽ ميمبرن هتي اچڻ تي وفاقي وزير جو شاندار استقبال ڪيو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

موسمياتي تبديلي ۽ ترقيءَ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو: مصدق ملڪ

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ موسمياتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے