ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سليم واحدي آڊيٽوريم ڊي ايل برانچ ڪلفٽن ۾ ڊي ايس پيز جي اعزاز ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ٿي، جتي سندن رينڪ لڳائڻ جي رسم ادا ڪئي ويئي. تقريب ۾ سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحس لنجار مهمان خاص جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. ان موقعي تي گهرو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پاران 90 ڊي ايس پيز کي عهدي ۾ ترقي جا رينڪ لڳايا ويا. سنڌ جي گهرو وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته، "توهان جي ترقي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته توهان خدمت، خدمت ۽ صرف خدمت کي پنهنجو شعار بڻايو آهي. اوهان وٽ هڪ ڊگهو سروس ڪيريئر ۽ پوليسنگ جو وسيع تجربو آهي، هاڻ اهو وقت آهي جو اوهان پنهنجن تجربن مان فائدو وٺو ۽ فرض دوران عوام جي مفاد کي اوليت ڏيو.”هن وڌيڪ چيو ته، "عوام ڏوهن جي خلاف شڪايتون ڪرڻ لاءِ پوليس ڏانهن ڏسندي آهي، جڏهن ته ڪيسن جي جاچ، تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ جي ڪاميابي اوهان جي پيشه ورانه صلاحيتن تي دارومدار رکي ٿي. مان هِن تقريب ذريعي ترقي ماڻيندڙ سڀني ڊي ايس پيز کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هاڻ اوهان فيلڊ ۾ وڃي عوام جي خدمت ڪريو، ڇو ته عوام اوهان جي منتظر آهي.”گهرو وزير چيو ته، "ڊپارمينٽل پروموشن جو ڪريڊٽ آءِ جي سنڌ کي وڃي ٿو، جن قيادت جي صلاحيتن کي استعمال ڪندي ترقيءَ لاءِ هڪ شفاف ۽ غيرجانبدارانه نظام جوڙيو. اوهان جو ڪم امن امان کي يقيني بڻائڻ، حالتن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۽ عوام جي جان و مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي. فرض جي دوران اوهان کي ماڻهن جي اميدن تي پورو لهڻو آهي.”هن زور ڏنو ته، "ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم، دهشتگردي، جڏهن ته ڪچه علائقن ۾ ‘هني ٽريپ’ ۽ اغوا براءِ تاوان جهڙن ڏوهن سان منهن ڏيڻ، سنڌ پوليس جي ذميواري آهي. ان سان گڏوگڏ منشيات خلاف ٽاسڪ فورس به سموري صوبي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، پر اوهان کي به هن جنگ ۾ ڀرپور حصو وٺڻو آهي ۽ جنگي بنيادن تي ڪارروائي ڪرڻي آهي.”هن وڌيڪ چيو ته، "سنڌ پوليس منشيات خلاف سنجيده طريقي سان ڪم ڪري ۽ انهن ڏوهن خلاف پنهنجي ڪاميابين جي گراف کي مٿي وٺي وڃي. حڪومت سنڌ پوليس لاءِ هيلٿ ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪئي آهي، جيڪا انتهائي ضروري هئي. ان سان گڏ پوليس ملازمن جي ٻارن لاءِ بهتر ۽ معياري تعليم جي فراهمي به حڪومت جي اوليتن ۾ شامل آهي. پوليس لائنز جي سجاوٽ ۽ سڌارن لاءِ به جلد قدم کنيا ويندا.”آءِ جي سنڌ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته، "غيرجانبدارانه ۽ ميرٽ تي ترقي ڏيڻ سنڌ پوليس لاءِ هڪ اعزاز آهي. ترقيءَ جو هي عمل مڪمل طور تي مؤثر، منظم، آزاد ۽ خودمختيار آهي. سينيئر آفيسرن جي سينيارٽي لسٽ جي ترتيب ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي اوليت ڏني وڃي ٿي، جڏهن ته حتمي فهرست جي ترتيب کان اڳ مشاورت ۽ تجويزن کي لازمي بڻايو ويو آهي.”آءِ جي سنڌ ترقي ماڻيندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏيندي حڪومت سنڌ کي تجويز ڏني ته، "ڊي پي سي سال ۾ ٻه ڀيرا ترقيءَ جي حوالي سان حتمي فهرست ترتيب ڏئي، جيڪا منظوري ۽ توثيق لاءِ پيش ڪئي وڃي.” هن چيو ته، "حڪومت سنڌ جو ٿورائتو آهيان، جيڪا پوليس ملازمن لاءِ ميڊيڪل مد ۾ اڍائي کان ٽي بلين رپيا فراهم ڪري رهي آهي.”
