بريڪنگ نيوز

موسمياتي تبديلي ۽ ترقيءَ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو: مصدق ملڪ

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ موسمياتي تبديلي ۽ انساني ترقيءَ جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته ترقياتي اهڃاڻن ۾ بهتريءَ لاءِ قدم ضروري آهن. اهڙو اظاهر هن هتي آباديءَ بابت پارلياماني فورم کي مُک خطاب ڪندي ڪيو، جنهن جو موضوع ”اتفاق راءِ سان عمل طرف: پائيدار آباديءَ لاءِ پارلياماني سهڪار“ کي هٿي ڏيڻ هو. هن وسيلن جي اثرائتي استعمال ۽ انساني ترقي کي هٿي ڏيڻ کي قومي ترجيحي قرار ڏنو ۽ ترقياتي حڪمتِ عملين کي عملي قدمن ۾ بدلڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير صحت، تعليم ۽ پاڻيءَ جي فراهمي جهڙن شعبن ۾ جٽادار بهتريءَ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آذربائيجان روانو ٿي ويو

اسلام  آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي آذربائيجان هليو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے