بريڪنگ نيوز

موسمياتي تبديلي ۽ ترقيءَ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو: مصدق ملڪ

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ موسمياتي تبديلي ۽ انساني ترقيءَ جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته ترقياتي اهڃاڻن ۾ بهتريءَ لاءِ قدم ضروري آهن. اهڙو اظاهر هن هتي آباديءَ بابت پارلياماني فورم کي مُک خطاب ڪندي ڪيو، جنهن جو موضوع ”اتفاق راءِ سان عمل طرف: پائيدار آباديءَ لاءِ پارلياماني سهڪار“ کي هٿي ڏيڻ هو. هن وسيلن جي اثرائتي استعمال ۽ انساني ترقي کي هٿي ڏيڻ کي قومي ترجيحي قرار ڏنو ۽ ترقياتي حڪمتِ عملين کي عملي قدمن ۾ بدلڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير صحت، تعليم ۽ پاڻيءَ جي فراهمي جهڙن شعبن ۾ جٽادار بهتريءَ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم سان حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي وفد جي اهم ملاقات

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے