بريڪنگ نيوز

خطي ۾ سلامتي جي صورتحال تي سنگين اثر پوندا: پاڪستان

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان قطر ۾ آمريڪا جي العديد ايئربيس تي حملن جي نتيجي ۾ خطي ۾ سلامتي جي صورتحال ۾ خراب ٿيندڙ سنگين صورتحال تي پنهنجي گهري ڳڻتي ۽ خطري جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان سمورن ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي احترام جي اصول جي تازي خلاف ورزين جي شديد مذمت ڪريون ٿا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان عالمي قانون جي بنيادي اصولن جي پاسداري ۽ سمورين ڌرين کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏيون ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان سمورن تڪرارن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ فوري قدمن تي زور ڏي ٿو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے