بريڪنگ نيوز

خطي ۾ سلامتي جي صورتحال تي سنگين اثر پوندا: پاڪستان

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان قطر ۾ آمريڪا جي العديد ايئربيس تي حملن جي نتيجي ۾ خطي ۾ سلامتي جي صورتحال ۾ خراب ٿيندڙ سنگين صورتحال تي پنهنجي گهري ڳڻتي ۽ خطري جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان سمورن ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي احترام جي اصول جي تازي خلاف ورزين جي شديد مذمت ڪريون ٿا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان عالمي قانون جي بنيادي اصولن جي پاسداري ۽ سمورين ڌرين کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏيون ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان سمورن تڪرارن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ فوري قدمن تي زور ڏي ٿو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌاڙيلن لاءِ پاليسي چٽي آهي، عام معافي نه ملندي، ڪيسز کي منهن ڏيڻو پوندو: ضياءَ لنجار

گهوٽڪي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صوبائي گهرو وزير سنڌ ضياءُالحسن لنجار چيو آهي ته حڪومت جي ڌاڙيلن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے