بريڪنگ نيوز

آصف علي زرداري سان سردار تنوير الياس جي وفد سميت ملاقات، پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم سردار تنوير الياس، آزاد ڪشمير حڪومت جي جيلن واري صلاحڪار سردار احمد صغير، ايم ايل اي علي شان سوني ۽ سردار عمر تنوير تي ٻڌل وفد ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وفد پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. صدر وفد جي آجيان ڪئي ۽ انهن کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ، پيپلزپارٽي عورت ونگ جي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر، پنجاب جو گورنر سردار سليم حيدر، پيپلزپارٽي جا سينيئر اڳواڻ سليم مانڊوي والا، آزاد ڪشمير جو اڳوڻو صدر سردار محمد يعقوب خان، فيصل ممتاز راٺوڙ، چوڌري محمد رياض ۽ سردار ضياءَ القمر، سنڌ جو گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ۽ ايم پي اي سهيل انور سيال پڻ موجود هئا. شرڪت ڪندڙن ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ قومي مفاهمت، اتحاد ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان کي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ محفوظ، پُرامن ۽ ترقي يافته ملڪ ڇڏي وڃڻو آهي: اعظم نذير

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے