بريڪنگ نيوز

ايران ٻيهر جوهري افزودگي شروع ڪئي ته وري حملو ڪنداسين: صدر ٽرمپ

دي هيگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ايران جوهري افزودگي جو پروگرام ٻيهر شروع ڪيو ته ان تي ٻيهر حملو ڪنداسين دي هيگ ۾ جاري نيٽو سمٽ جي موقعي تي گفتگو ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جيڪي سڀني لاءِ اهم آهن، ايران ۾ فردو جوهري سائيٽ تباهه ڪئي ۽ فردو جوهري سائيٽ تي هاڻ تباهي کانسواءِ ڪجهه ناهي هن چيو ته ايران کي ڪنهن به صورت ۾ جوهري افزودگي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، هاڻ ايران ڊگهي عرصي تائين ايٽمي مواد نه ٺاهي سگهندو ۽ ايران لاءِ هاڻ جوهري هٿيار ٺاهڻ ڏکيو ٿي ويو آهي هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي صدر چيو ته جيڪڏهن ايران ٻيهر جوهري افزودگي شروع ڪئي ته اسان ٻيهر حملو ڪنداسين

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے