اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ بندي جي آجيان ڪندي وچ ۾ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ايران جي ايٽمي تڪرار جي پر امن حل لاءِ 5 نقاطي تجويزون پيش ڪري ڇڏيون سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي سفير عاصم افتخار احمد چيو ته پاڪستان واضع طور تي سفارتڪاري ۽ تڪرار جي حل کي واحد عملي رستو سمجهي ٿو هن چيو ته اسان جنگ نه پر امن جا حامي اهيون اهڙن قدمن کان پاسو ضروري آهي جيڪي ڇڪتاڻ کي جنم ڏين عاصم افتخار چيو ته پاڪستاني قيادت شروع کان ئي تڪرار جي پر امن حل جي لاءِ سرگرم رهي آهي ۽ عالمي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي هن چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڌرين سان رابطه قائم رکيا ته جيئن سفارتي چينل کليل رهن ۽ جنگ جي باهه کي وڌيڪ وڌڻ نه ڏنو وڃي هن اسرائيل پاران ايران جي ايٽمي ڪيل حملن کي غير قانوني ۽ پرڏيهي اصولن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو هن چيو ته انهن حملن سان نه رڳو ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين کي نقصان پهتو پر پرڏيهي جوهري توانائي ايجنسي جي معائني ۽ نگراني واري عمل کي به متاثر ڪيو ويو هن زور ڏنو ته گڏيل قومن جي چارٽر ۽ پرڏيهي قانونن جي مطابق سمورن تڪرارن جو حل ڪڍڻ گهرجي
