بريڪنگ نيوز

اسان پنهنجي شهيدن جي احسانن جو بدلو ڪڏهن به لاهي نه ٿا سگهون : عاصم منير

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته اسان پنهنجي شهيدن جي احسانن جو بدلو ڪڏهن به لاهي نه ٿا سگهون اسان جي شهيدن جي خون اسان جي قومي قوت جو بنياد آهي آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ٻڌايو ويو ته شهيد ميجر معيز عباس شاهه جي جنازي جي نماز راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي هن ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سراروغا ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ فتنه الخوارج جي خلاف آپريشن دوران شهادت ماڻي پاڪ فوج جي ترجمان مطابق ميجر سيد معيز عباس شاهه عمر 37 سال چڪوال ضلعي جو رهواسي شهيد جي جنازي نماز چڪلاله گريزن راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل عاصم منير وفاقي گهرو وزير اعلي عسڪري سول آفيسر ۽ جوانن شرڪت ڪئي آءِ ايس پر آر ٻڌايو ته ان موقعي ته فيلڊ مارشل کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ميجر سييد معيز عباس شاهه دشمن جي خلاف بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي ان جي هي عظيم قرباني بهادري ايثال حب الوطني جي سڀ اعلي روايتن جو مظهر آهي

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌاڙيلن لاءِ پاليسي چٽي آهي، عام معافي نه ملندي، ڪيسز کي منهن ڏيڻو پوندو: ضياءَ لنجار

گهوٽڪي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صوبائي گهرو وزير سنڌ ضياءُالحسن لنجار چيو آهي ته حڪومت جي ڌاڙيلن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے