بريڪنگ نيوز

پيٽرول تي 94 رپيا 89 پيسا ۽ هڪ ليٽر ڊيزل تي 95 رپيا 35 پيسا ٽيڪس لاڳو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) حڪومت طرفان پيٽروليم شين تي وصول ڪئي ويندڙ ٽيڪس جا تفصيل سامهون اچي ويا.پيٽروليم ڊويزن جي دستاويزن موجب هڪ ليٽر پيٽرول تي 94 رپيا 89 پيسا ۽ هڪ ليٽر ڊيزل تي 95 رپيا 35 پيسا ٽيڪس لاڳو آهي، پيٽرول جي قيمت تي 36 سيڪڙو ۽ ڊيزل جي قيمت تي 35 سيڪڙو ٽيڪس آهي.دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو ته في ليٽر پيٽرول جي قيمت تي 14 رپيا 37 پيسا ڪسٽم ڊيوٽي، 78 رپيا 2 پيسا پيٽروليم ليوي ۽ 2 رپيا 50 پيسا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي شامل آهي.في ليٽر ڊيزل جي قيمت تي 15 رپيا 84 پيسا ڪسٽم ڊيوٽي، 77 رپيا هڪ پيو پيٽروليم ليوي، جڏهن ته اڍائي رپيا ڪلائميٽ ليوي شامل آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان جي بنيادي ڍانچي ۽ ترقياتي منصوبن ۾ آمريڪي سيڙپڪاري ۾ اضافو متوقع آهي: ناڻي وزارت

اسلام آباد  (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري معاهدي جو مقصد ٻه طرفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے