بريڪنگ نيوز

غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 59 فلسطيني شهيد

غزه: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 59 فلسطيني شهيد ٿي ويا. غزه تي اسرائيل طرفان وحشياڻي بمباري جو سلسلو جاري آهي، جتي صهيوني فوج جي تازي حملن ۾ 59 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 3 ڏينهن دوران اسرائيلي حملن ۾ 200 ٻارن سميت 600 فلسطيني شهيد ٿي ويا. ان دوران اسرائيلي فوج رفح ۾ به زميني ڪارروائي ڪئي ۽ اترين علائقن ڏانهن اڳڀرائي ڪئي، جنهن سبب بي گهر فلسطيني ٻيهر علائقو ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا. ٻئي پاسي القسام برگيڊ غزه کان اسرائيلي راڄڌاني تل ابيب تي ڪيترائي راڪيٽ حملا ڪيا، جنهن سبب اسرائيلي علائقن ۾ الارم سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا، جڏهن ته اسرائيل راڪيٽ مار گرائڻ جي دعويٰ به ڪئي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

غزه شهر تي اسرائيلي حملن ۾ لڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي، حالتون انتهائي خراب آهن: گڏيل قومون

گڏيل قومون (مانيٽرنگ ڊيسڪ) گڏيل قومن چيو آهي ته غزه شهر تي اسرائيلي حملن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے