بريڪنگ نيوز

صدر قيدين جون 180 ڏينهن جون سزائون گهٽائي ڇڏيون

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  صدر آصف علي زرداري يوم پاڪستان ۽ عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 180 ڏينهن جي خاص ڇوٽ ڏئي ڇڏي، جمعي تي صدر آصف علي زرداري سزائون ۾  گهٽتائي جي آئين جي  آرٽيڪل 45 تحت ڏني،  65سال کان وڌيڪ عمر  جا مرد ۽ 60 سال کان وڌيڪ عمر جي عورت قيدين تي سزائون ۾ گهٽتائي لاڳو ٿيندي، ٻارڙن سان جيل ۾ موجود عورت قيدين تي به سزا ۾ گهٽٽائي لاڳو ٿيندي، 18 سالن گهٽ عمر ماڻهن تي به سزا  ۾ گهٽٽائي لاڳو ٿيندي، سزا ۾گهٽتائي قتل، جاسوسي رياست مخالف سرگرمين ۾ قيدين تي لاڳو نه ٿيندي، جڏهن ته سزائن ۾ گهٽتائي، زنا، چوري ڦر اغوا دهشتگردي ۾ سزا يا فته جوابدارن جو به لاڳو نه ٿيندي، اهڙي طرح سزا ۾گهٽتائي مالي ڏوهن، قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ پرڏيهي ماڻهو ايڪٽ 1946 ۽ منشيات ڪنٽرول ايڪٽ 2022ع تحت سز يا فته ماڻهن تي به لاڳو نه ٿيندي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومتي تسلسل جو فيصلو پنج کان ڏهه سالن لاءِ ٿي ويو:راڻا ثناءُ الله

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار راڻا ثناءُالله دعويٰ ڪئي آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے