بريڪنگ نيوز

گڏيل قومن موجب پاڪستان ايندڙ سال خشڪ سالي جو شڪار ٿيندو: شيري رحمان

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته عالمي سطح تي پاڪستان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، گڏيل قومن جي مطابق، پاڪستان هن سال خشڪ سالي جو شڪار ٿيندو.پاڻي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي شيري رحمان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جي ڏينهن جو مقصد ماڻهن ۾ پاڻي جي اهميت ۽ تحفظ بابت شعور پکيڙڻ آهي.شيري رحمان جو چوڻ آهي ته خدشو آهي ته تربيلا ۽ منگلا ڊيم ڪجهه ڏينهن ۾ ڊيڊ ليول تي پهچي ويندا. پاڻي جي کوٽ سبب موجوده ربيع سيزن جي فصلن کي سخت متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. ملڪ ۾ 40 سيڪڙو گهٽ برسات ۽ برفباري سبب خشڪ سالي جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.هن چيو ته ٽيوب ويلن جي استعمال ۽ موسمياتي تبديلين جي ڪري اسان جي زير زمين پاڻي جي وسيلن جي سطح هر سال هڪ ميٽر گهٽجي رهي آهي، مستقبل ۾ وڌندڙ آبادي ۽ وڌندڙ گرمي پد جي ڪري پاڻي جي طلب ۾ وڏي واڌ جو امڪان آهي.شيري رحمان چيو آهي ته غير پائيدار زرعي نظام ۽ ٻين سببن جي ڪري پاڻي جي طلب ۾ نمايان واڌ جو امڪان آهي. اسان جو في ماڻهو پاڻي جو استعمال اڳ ئي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو آهي. جيڪڏهن بروقت قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ ڏينهن ۾ اسان کي خشڪ سالي ۽ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو.شيري رحمان اهو به چيو آهي ته پاڻي جي وسيلن کي بچائڻ لاءِ نيشنل ايڊاپٽيشن پلان، لِونگ انڊس، رين واٽر هارويسٽنگ سسٽم ۽ ٻيون پاليسيون فوري طور تي لاڳو ڪيون وڃن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومتي تسلسل جو فيصلو پنج کان ڏهه سالن لاءِ ٿي ويو:راڻا ثناءُ الله

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار راڻا ثناءُالله دعويٰ ڪئي آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے