سکر (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ ۽ پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته 24 نومبر جي احتجاج تي اعتراض ناهي ته جيڪڏهن اهو پر تشدد ٿيو ته ذميواري پي ٽي آءِ وارن جي هوندي،خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي خورشيد شاهه چيوته هي ڳالهه طئي ٿيل آهي ته جوڊيشل ڪميشن ۾2 اسان جا ۽ 2 انهن جا مميبر هوندا، هن چيوته حيدر آباد موٽر وي اڄ جو اشو ناهي، 1988ع ۾ نوازشريف سان مشورو ٿيو، موٽر وي ٺاهيو، اسان جي ڪوشش هئي ته موٽر وي سنڌ کان شروع ٿئي ڇو ته سمنڊ سنڌ ۾ آهي، اسان جا 2 حب آهن، گوادر ۽ ڪراچي پر افوس ٻنهي صوبن ۾موٽر وي ناهي ٺهيو، هن چيوته 34 سالن جي عرصي ۾ موٽر وي پنهنجو خرچ ڪڍي منافي ۾هلي رهيو هجي ها، موٽر وي ملڪي معشيت لاءِ ڪرنگهو هوندو آهي، پر سنڌ وارن جي بدبختي آهي جو سنڌ کان موٽر وي شروع ناهي ٿي، پ پ اڳواڻ چيوته مان وفاقي حڪومت سان ڳالهه ڪئي آهي ته سنڌ ۾ موٽر وي تي جلد ڪم شروع ڪري اسان سياسي طور تي مخالف هئاسين ته ملڪ جو وزيراعظم جيل ۾ هجي،پي ٽي آءِ جي احتجاج جي حوالي سان سوال تي هن چيوته 24 نومبر جي احتجاج تي اعتراض ناهي،جيڪڏهن اهو پرتشدد ٿيو ته ذميواري پي ٽي آءِ جي هوندي.
هي به ڏسي سگهو ٿا
عمران خان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو 24 نومبر تي احتجاج جي فيصلي تي عمل ڪندا: فيصل چوڌري
راولپنڊي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ جو چوڻ آهي ته عمران …