اسلام آباد (مانيٽرنگ ديسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڪي ڳالهيون نه پيون ٿين، اسلام آباد ۾ احتجاج جي اجازت نه ڏينداسين. صحافين سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته بيلاروس جو 65 رڪني وفد 24 نومبر تي ۽ صدر 25 نومبر تي پاڪستان اچي رهيو آهي، شهر ۾ ڪنٽينر لڳائي رهيا آهيون، ڇو ته شهرين جو تحفظ اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته ڪنهن به جلسي جلوس جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، احتجاج کان ڪير نٿو روڪي، توهان جتي آهيو اتي ئي احتجاج ڪيو، اسلام آباد اچي احتجاج ڇو ڪيو ويندو آهي؟ ان جو فيصلو عوام ڪندو توهان ڇو ٿا ڪيو. سندس چوڻ هو ته حڪومت سان انهن جون ڪي ڳالهيون نه پيون ٿين، ڳالهيون ڌمڪين سان ناهن ٿينديون، مان پاڻ چاهيان ٿو ته ڳالهيون ٿيڻ گهرجن پر اهو نٿو ٿي سگهي ته اڳ ۾ ڌمڪيون ڏيو ۽ پوءِ ڳالهين جو چئو، هڪ پاسي ڌرڻا هڻو ۽ ٻئي پاسي ڳالهيون ڪيو اهو ڪنهن به صورت ممڪن ناهي.
هي به ڏسي سگهو ٿا
عمران خان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو 24 نومبر تي احتجاج جي فيصلي تي عمل ڪندا: فيصل چوڌري
راولپنڊي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ جو چوڻ آهي ته عمران …