بريڪنگ نيوز

تحريڪ انصاف جو احتجاج،23 نومبر کان انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس جزوي معطل

اسلام آباد (مانيٽرنگ ديسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج کي نظر ۾ رکي 23 نومبر کان انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس جزوي معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن مطابق انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس اسلام آباد، ڪي پي ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ معطل ڪري سگهجي ٿي، پي ٽي اي پاران 22 نومبر کان موبائل انٽرنيٽ سروس تي فائر وال ايڪٽو ڪئي ويندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته فائر وال ايڪٽو ٿيڻ سان انٽرنيٽ سروس سلو، جڏهن ته سوشل ميڊيا ايپس تي وڊيوز، آڊيو ڊائونڊ نه ٿي سگهندي، صورتحال ڏسندي ڪنهن به وقت مخصوص هنڌن تي انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس معطل ڪري سگهجي ٿي، ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف 24 نومبر جي احتجاج لاءِ خاص اسڪواڊ تيار ڪري ورتو آهي، هن اسڪواڊ ۾ پي ٽي آءِ يوٿ ونگ جا 4 هزار ڪارڪن شامل ٿيندا. صوبائي وزير مينا خان ۽ خاص مددگار سهيل آفريدي هن اسڪواڊ جي قيادت ڪندا، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير پي ٽي آءِ پشاور جي اجلاس کي جهادي قرار ڏنو هو، هن اسڪواڊ بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته هي خاص اسڪواڊ مرڪزي قافلي جي اڳيان هوندو ۽ هن اسڪاوڊ کي شيلنگ  کان بچائڻ جو سامان به ڏنو ويو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو 24 نومبر تي احتجاج جي فيصلي تي عمل ڪندا: فيصل چوڌري

راولپنڊي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ جو چوڻ آهي ته عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے