بريڪنگ نيوز

پاڻي جي انتظام تي سنڌ جا خدشا بي بنياد ناھن، پاڻي تي سڀني جو گڏيل حق آھي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڻي جي انتظام بابت سنڌ جا خدشا بي بنياد نه آهن، پاڻي سڀني جو گڏيل حق آهي، بنا اتفاق راءِ جي ڪوبه منصوبو شروع ڪرڻ مناسب عمل ناهي، 1991ع جي پاڻي ٺاهه سنڌ سميت سمورن صوبن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي لازمي قرار ڏئي ٿو، عظميٰ بخاري پهريان زميني حقيقتون معلوم ڪري بعد ۾ بيان ڏئي.پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري جي بيان تي رد عمل ڏيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڻي جي انتظام بابت سنڌ جا خدشا بي بنياد نه آهن، پاڻي سڀني جو گڏيل حق آهي.سندس چوڻ هو ته بنا اتفاق راءِ جي ڪوبه منصوبو شروع ڪرڻ مناسب عمل ناهي، 1991ع جي پاڻي ٺاهه سنڌ سميت سمورن صوبن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي لازمي قرار ڏئي ٿو،سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عظميٰ بخاري پهريان زميني حقيقتون معلوم ڪري بعد ۾ بيان ڏئي، هو چاهن ٿا ته سڄي ملڪ ۾ خوشحالي هجي ۽ زراعت جو شعبو ترقي ڪري، ننڍن هارين کي وڌ کان وڌيڪ سهولتن ۽ مدد جي ضرورت آهي، سنڌ جو موقف واضح آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے