بريڪنگ نيوز

آٽوميتڊ فيئر ڪليڪشن سسٽم لانچ، سنڌ سرڪار طرفان عوام جي لاءِ سبسڊي ڏني ويندي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي : سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ کاتي  پيپلز بس سروس ۾ ڀاڙي جي اوڳاڙي جو خودڪار نظام آٽوميتڊ فيئر ڪليڪشن سسٽم لانچ ڪري ڇڏيو آھي. آٽوميٽڊ فري ڪليڪشن سسٽم جي لانچنگ جي تقريب سنڌ جي سينئر وزير ۽ سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ميزباني ھيٺ ڪراچي جي مقامي ھوٽل ۾ ٿي، تقريب جي خاص مھمان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھھ آٽوميٽڊ فري ڪليڪشن سسٽم جو افتتاح ڪيو.تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھھ چيو تھ اڄ ھن تاريخي موقعي تي نھايت خوشي محسوس ڪري رھيو آھيان، اسان پنھنجي عوامي سھولت جي واعدي تي بيٺل آھيون، اسان صوبي ۾ ٽرانسپورٽ سيڪٽر کي ڊجيٽلائزيشن ڏانھن وٺي وياسين، اسان جي حڪومت جو ھي انقلابي قدم عوام کي وڌ کان وڌ سھولت ڏيندو، اسان کي ھن عظيم قدم جو چيمپيئن ھجڻ تي فخر آھي. ھن چيو تھ اسان ملڪ ۾ مواصلاتي نظام کي نئين شڪل ڏيڻ وڃي رھيا آھيون، ڊجيٽلائزيشن ھجي يا انسان دوست ماحول، يا وري توانائي جو شعبو ھجي سنڌ سرڪار عوام جي ڀلائي جي حوالي سان سدائين اڳيان رھي آھي، اسان ھر شعبي ۾ جدت آڻڻ ۾ اڳرائي ڪئي آھي. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ سنڌ سرڪار تعليم، صحت، ٿر مان بجلي جي پيداوار، روڊن جي عظيم نيٽ ورڪ سميت ھر ميدان ۾ نئين جدت ڏني آھي، آئون اُنھن سڀني کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو جيڪي عوام جي سھولتڪاري جي ھن اھم سفر جو حصو آھن، اليڪٽرڪ بسن کي ھٿي ڏيڻ سان توانائي جي بچت ٿيندي ۽ ماحول کي تحفظ ملندو. ھن چيو تھ اٿ ايف سي سسٽم متعارف ڪرائڻ اسان جي ڪوششن ۾ اھم اضافو آھي، اُن سان نقل و حمل جي سھولت ۽ ڪارڪردگي ۾ واڌ ايندي، اسان عوام کي بھتر کان بھتر سھولت فراھم ڪرڻ لاءِ سرگرم آھيون، ٽرانسپورٽ وارو وزير پبلڪ ٽرانسپورٽ انفرا اسٽرڪچر کي وڌيڪ بھتر ڪري، سنڌ سرڪار اُن حوالي سان ھر ممڪن مدد فراھم ڪندي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھھ جو چوڻ ھو تھ اسان پنھنجي قائد جا عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ وڃي رھيا آھيون، ھڪ زماني ۾ ڪراچي ۾ ڪي ٽي سي ۽ ٻين صوبن جي ضلعن ۾ ايس آر ٽي سي ھلندي ھُئي، اسان پيپلز بس سروس جو سسٽم شروع ڪيو جيڪو ڪاميابي جو سفر طئي ڪري رھيو آھي.ھن چيو تھ پيپلز بس سروس سنڌ سرڪار ۽ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ جو ڪامياب منصوبو آھي، اسان ريڊ لائن کي جلد مڪمل ڪرڻ وڃي رھيا آھيون ۽ ييلو لائن تي بھ ڪم شروع ڪيو ويو آھي، سنڌ سرڪار ڊونر ايجنسين سان گڏجي ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ بھترين ڪم ڪري رھي آھي. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ 2022 جي تباھھ آڻيندڙ ٻوڏ دوران سنڌ سرڪار پنھنجي عوام سان بيٺل رھي، اسان پنھنجي عوام جي سھولت جي لاءِ ھر ممڪن ڪم ڪيو، اڄ ٻوڏ کان پوءِ سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو آھي. ھن چيو تھ اسان تي تنقيد ٿيندي آھي تھ پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم نھ ڪيا آھن، ھڪ دور ھو جڏھن اسان روزانو  ٽارگيٽ ڪلنگ، بم ڌماڪا ۽ وڳوڙن جھڙن مسئلن جو شڪار ھُئاسين، امن امان جي بحالي کانپوءِ ڪراچي جي ترقي لاءِ ڀرپور ڪم ڪيو آھي ۽ ڪري رھيا آھيون، ايندڙ ھڪ مھيني اندر پوري پيپلز بس سروس کي خودڪار ڀاڙي واري نظام سان ڳنڍيو ويندو، اسان چيئرمين بلاول ڀٽو، صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ عوام جي خدمت ڪندا رھنداسين. سنڌ جي وڏي وزير چيو تھ ڪراچي ۾ چونڊن دوران اسان کي اميد کان  گھٽ سيٽون مليون، پر ماضي جي ڀيٽ ۾ ھن ڀيري وڌيڪ سيٽون ۽ ووٽ مليا جيڪو ڪراچي جي عوام جي اعتماد جو مظھر آھي، آئون واعدو ڪريان ٿو تھ اسان پارٽي قيادت جي رھنمائي ۾ وڌيڪ محنت سان عوام جي خدمت ڪندا رھنداسين. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اسان ٽرانسپورٽيشن واري شعبي ۾ جدت کي متعارف ڪرائي رھيا آھيون، پيپلز بس سروس ۾آٽوميٽڊ فيئر ڪليڪشن سسٽم جي لانچنگ اُن جو حصو آھي، ڀاڙي جي اوڳاڙي جو خودڪار نظام شروع ۾ ٻن روٽس روٽ ون ۽ روٽ نائن تي شروع ڪيو ويندو ۽ تمام جلد ٻين روٽس تي بھ ھي نظام شروع ڪيو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ صدر آصف علي زرداري، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھھ جي ھدايتن جي روشني ۾ سنڌ ۾ ڪيتريون ئي اھڙيون اسڪيمون شروع ڪيون ويون آھن جيڪي سڄي پاڪستان ۾ پھرئين ڀيري شروع ٿيون آھن، سنڌ ۾ ئي پھرئين ڀيري عورتن جي لاءِ مخصوص پنڪ بس سروس ۽ ماحول دوست اليڪٽرڪ بسون شروع ڪيون ويون آھن. ھن چيو تھ ھي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن ھو جنھن کي اسان اڳتي آندو آھي، سنڌ سرڪار  رڳو پنجاھھ  رُپين ۾ عوام کي سستي، بھترين ۽ جديد سفري سھولت ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آھي.ھن چيو تھ مھانگائي جي ڪري ٽرانسپورٽ کاتي پاران ڀاڙن ۾ واڌ جي سمري سنڌ ڪابينا ۾ پيش ڪئي وئي تھ وڏي وزير  مراد علي شاھھ ھدايتون جاري ڪيون تھ پيپلز بس سروس جي ڀاڙن ۾ واڌ نھ ڪئي وڃي، سنڌ سرڪار طرفان عوام جي لاءِ سبسڊي ڏني ويندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ نگران حڪومت ۾ سنڌ سرڪار جي ھڪ وڏي منصوبي ريڊ لائن بي آر ٽي تي ڪم روڪيو ويو ھو، پر پيپلز پارٽي جي چونڊيل ۽ عوامي حڪومت مھانگائي جي باوجود ريڊ لائن بي آر ٽي جو ڪم ھڪ ڀيرو ٻيھر تيزي سان شروع ڪري ڇڏيو آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪراچي جي عوام کي خوشخبري ڏيڻ چاھيان ٿو تھ ييلو لائن بي آر ٽي تي ڪم بھ شروع ٿي چُڪو آھي، اسان صوبي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سھولت عوام کي ڏيڻ وڃي رھيا آھيون، ھر منصوبي کي سنجيدگي سان مڪمل ڪرڻ سنڌ سرڪار جي اوليتن ۾ شامل آھي. عوام کي بھترين سفري سھولتن جي فراھمي لاءِ سنڌ جي ھر ضلعي ۾ بس سروس شروع ڪئي ويندي. اُن موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ پيپلز بس سروس ۾ سوار ٿي ڪارڊ ذريعي ڀاڙو ادا ڪري خودڪار ڀاڙي واري نظام آٽوميٽڊ فيئر ڪليڪشن سسٽم جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪمال دايو، پيپلز بس سروس جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر صھيب شفيق، بينڪ اسلامي جي ڊپٽي سي اي او عمران حليم شيخ، زندگي آن لائن بينڪ جي چيف آفيسر نعمان اظھار، ماسٽر ڪارڊ ايسٽ عريبيا ڊويزن جي سينئر نائب صدر مائيڪ جونس، جي ايس بينڪ جي صدر بصير شمسي بھ شرڪت ڪئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيجنگ سان ڀائيواري مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجايو ويو آهي: صدر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري پنهنجي چيني هم منصب شي جِن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے