بريڪنگ نيوز

سينيٽ جي ڇهن سيٽن لاءِ ننڍي چونڊ، پ پ چار، ن ليگ ۽ جي يو آءِ هڪ، هڪ سيٽ کٽي ورتي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجڻ کانپوءِ ڇڏيل سينيٽ جي ڇهن سيٽن لاءِ ننڍي چونڊ ٿي جنهن ۾ پ پ چار، ن ليگ ۽ جي يو آءِ هڪ، هڪ سيٽ کٽي ورتي آهي. سينيٽ لاءِ اسلام آباد جي هڪ سيٽ تي پولنگ ٿي جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جي ٻن ۽ بلوچستان اسيمبلي جي ٽن سيٽن تي ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا. اسلام آباد، بلوچستان ۽ سنڌ مان سينيٽ جي سيٽن لاءِ ننڍي چونڊ تي پولنگ صبح نائين وڳي شروع ٿي جڪا شام چئين وڳي تائين جاري رهي. اسلام آباد جي سيٽ تي پيپلز پارٽي جي يوسف رضا گيلاني 204 ووٽ حاصل ڪري سينيٽر چونڊجي ويو، سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار الياس مهربان کي 88 ووٽ مليا. سنڌ اسيمبلي ۾ مجموعي طور تي 124 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته بلوچستان ۾ سينيٽ جي ننڍي چونڊ لاءِ 61 ميمبرن ووٽ ڏنو، بي اين پي جي اسد بلوچ چونڊ عمل جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو. سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ اميدوار اسلم ابڙو 57، سيف الله ڌاريجو 58 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويا. بلوچستان اسيمبليءَ مان پ پ اميدوار مير عبدالقدوس بزنجو 23 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو، ن ليگ جي مير دوستين ڊومڪي 17 ووٽ حاصل ڪيا، جي يو آءِ جو عبدالشڪور 16 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڄي سنڌ ۾ منشيات فروشن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ايڪسائز کاتي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول يونٽ کي مڪمل فعال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے