بريڪنگ نيوز

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال اطمنان جوڳي آهي ارسا جي چيئرمين جي مقرري تي خدشا هئا: وڏي وزير

ڪراچي رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ارسا چيئرمين جي مقرري تي اسان کي سخت خدشا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ۾ سينيٽ جي ضمني چونڊن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته ڪالهه اسان جي ڪابينا مڪمل ٿي وئي آهي، ڪالهه ڪابينا اجلاس ۾ امن امان بابت بريفنگ ڏني وئي آھي. پاڪستان پيپلز پارٽي کي مسلم ليگ (ن) جي حمايت حاصل آهي،  2016 ۾ ڀيريون ڀيرو وڏو وزير ٿيس ان وقت پيپلز پارٽي جا مسلم ليگ (نواز) سان لاڳاپا تمام خراب هئا، مون ان وقت آصف علي زرداري کان پڇيو ھو ته مان ساڻس گڏ ڪيئن ڪم ڪري سگهان ٿو، زرداري صاحب چيو ته توهان ساڻس ملاقات ڪريو ۽ صوبي جي بهتري لاءِ ڪم ڪريو. سيد مراد علي شاهه چيو ته سندس علي امين گنڊاپور کي پڻ چوندو ته هو پنهنجي عوام لاءِ ڪم ڪري، علي امين گنڊاپور کي سندن حق لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ جي ڊي اي ۽ سني اتحاد ڪائونسل جا اميدوار به نه بيٺا هئا، جي ڊي اي کي خبر هئي ته هو اليڪشن هارائي ويندا، مان پنهنجي ايم پي اي جي فارم 45  جي گارنٽي ڏيان ٿو، منهنجي تڪ ۾ جي ڊي اي جا اڪثر پولنگ ايجنٽ حاضر ئي  هئا. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال اطمنان جوڳي آهي، نگران حڪومتي دور ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب هئي، امن امان جي صورتحال اسان جي اولين ترجيح آهي، اميد آهي ته نئون ناڻي وارو وزير ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڄي سنڌ ۾ منشيات فروشن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ايڪسائز کاتي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول يونٽ کي مڪمل فعال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے