اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته افغانستان ۾ دهشتگردن کي ملندڙ حمايت تي ڳڻتي آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان کي افغان ڌرتي تي دهشتگرد گروپن جي سرگرمين تي ڳڻتي آهي، افغانستان بابت خاص نمائندي جي تجويز في الحال غور هيٺ ناهي. هن چيو ته دهشتگردي رڳو افغانستان نه پر پاڪستان سميت سموري پاڙيسرين لاءِ به خطرو آهي، افغانستان کي دهشتگرد ٽولن بابت پڪا ثبوت پيش ڪيا ويا آهن، افغانستان کي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، اميد آهي ته افغانستان عالمي سطح تي پنهنجا واعدا پورا ڪندو. سندس چوڻ هو ته بيلا روس جو صدر 25 کان 27 نومبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو، پاڪستاني قيادت سان ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته گڏيل قومن ۾ آمريڪا طرفان غزا جنگبندي جو ٺهراءُ ويٽو ڪرڻ تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سياسي ۽ شخصي آزادي بابت سوشل ميڊيا تي برطانوي پارليامينٽ اسيمبلي ميمبر جي برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري کي لکيل خط ڏٺو آهي، خط پاڪستان سان شيئر نه ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته خط برطانوي پارليامينٽ هڪ ميمبر وچ ۾ لک پڙهه آهي، خط پاڪستاني حڪومت کي سرڪاري طور نه ڏنو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان سڪيورٽي معاملن تي آمريڪا سان ويجها لاڳاپا رکي ٿو، دهشتگردن جي هٿن ۾ بيلسٽڪ ميزائل وڃڻ بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن.
هي به ڏسي سگهو ٿا
عمران خان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو 24 نومبر تي احتجاج جي فيصلي تي عمل ڪندا: فيصل چوڌري
راولپنڊي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ جو چوڻ آهي ته عمران …