بريڪنگ نيوز

سڄي سنڌ ۾ منشيات فروشن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ايڪسائز کاتي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول يونٽ کي مڪمل فعال ڪرڻ  ۽ ايندڙ ھفتي کان سڄي سنڌ ۾ منشيات فروشن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جو فيصلو  ڪري ڇڏيو آھي.  سنڌ جي سينئر وزير ۽ ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ ڊي جي ايڪسائز  اينڊ ٽيڪسيشن جي آفيس جو دورو  ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ آفيس ۽ اختيارين جي مسئلن بابت معلومات ورتي ۽ انھن جي حل جي خاطري ڪرائي. ڊي جي ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن جي آفيس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن عاطف الرحمان، ڊي جي ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن اورنگزيب پنھور، ڊي جي ايڪسائز ايڊمن رياض کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي کاتي جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن کاتي جي انٽيليجنس يونٽ کي بھ مڪمل طور فعال ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون ۽ چيو تھ ايڪسائز کاتي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول يونٽ کي مڪمل طور فعال ڪري ڪتب آندو وڃي۽ ايندڙ دفتي کان سڄي سنڌ ۾ منشيات فروشن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ھن چيو تھ آئيس، ھيروئن، چرس، آفيم، ڪچي شراب سميت ھر قسم جي منشيات جو خاتمو يقيني بڻايو وڃي، ڪراچي ۾ نارڪوٽڪس ڪنٽرول يونٽ جون 16 ٽيمون فعال ڪيون وڃن ۽ کاتي جي جانباز نوجوانن کي انھن ٽيمن ۾ شامل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ گاڏين جي ري نيوئل کي ايڪسائز ڊيوٽي جي ادائيگي سان مشروط ڪرڻ جو بھ فيصلو  ڪيو ويو. اجلاس ۾ اھا بھ تجويز ڏني وئي تھ گاڏين جي روٽ پرمٽ کي بھ ٽيڪس جي ادائگي سان مشروط ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ گڏيل سھڪار لاءِ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سيڪريٽري ايڪسائز کي ھدايت ڪئي تھ ھو سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کي خط لکي. اجلاس ۾ صوبائي وزير کي آگاھي ڏني وئي تھ ٽيڪس باقيدار گاڏين ۾ پنجاھھ سيڪڙو گاڏيون ڪمرشل آھن. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ٽيڪس جي ادائيگي نھ ڪندڙ سرڪاري کاتن سان بھ رابطا ڪيا وڃن، ٽيڪس ادا نھ ڪندڙ سموريون گاڏيون تحويل ۾ ورتيون وڃن، بغير رجسٽريشن جي ڪابھ گاڏي شوروم کان نھ نڪرندي، جلد قانون ۾ ترميم ڪري نئين قانونسازي ڪئي ويندي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايڪسائز کاتي ۾ آفيسرن کي ڏنل اضافي چارجز جو بھ نوٽيس ورتو ۽ چيو تھ جن آفيسرن کي اضافي چارجز ڏنيون ويون آھن، اُنھن کان اضافي چارجز جلد واپس ورتيون وڃن. اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪچي شراب جي اڏن خلاف بھ ڪارروائي ۽ ڪچي شراب سبب ٿيندڙ جاني نقصان روڪڻ لاءِ قدمن کڻڻ جون پڻ ھدايتون جاري ڪيون.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيجنگ سان ڀائيواري مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجايو ويو آهي: صدر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري پنهنجي چيني هم منصب شي جِن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے