بريڪنگ نيوز

بيجنگ سان ڀائيواري مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجايو ويو آهي: صدر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري پنهنجي چيني هم منصب شي جِن پِنگ کي خط لکيو آهي جنهن ۾ بيجنگ سان ڀائيواري مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجايو ويو آهي. ايوانِ صدر مان جاري ڪيل بيان موجب، صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ چين جي مضبوط دوستي، علائقائي امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ اهم حثييت رکي ٿي. صدر پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ سميت ٻه طرفي سهڪار جي مختلف شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي ۽ صدر شي جن پنگ جي حمايت سي پيڪ جي ترقي لاءِ اڻٽر رهندي. خط جي متن موجب، تاريخ پاڪستان ۽ چين کي هڪ انوکي رشتي ۾ ڳنڍيو آهي، سمورن عالمي مسئلن تي گڏيل احترام، فهم ۽ خيالن سان پاڪستان ۽ چين لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت ڏُکين حالتن ۾ متوازن بجيٽ پيش ڪئي آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے