Home / رانديون / انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ، سرفراز اِن فواد آئوٽ

انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ، سرفراز اِن فواد آئوٽ

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪ- انگلينڊ ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان  ٿي ويو،  جنهن ۾ اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد جي واپسي ٿي جڏهن ته فواد عالم کي هڪ ڀيرو وري نظر انداز ڪيو ويو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف سليڪٽر محمد وسيم انگلينڊ خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو. 18 رڪني اسڪواڊ ۾ ڪپتان بابر اعظم، محمد رضوان، عبدالله شفيق، ابرار احمد، اظهر علي، فهيم اشرف، امام الحق، محمد علي، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، نعمان علي، سلمان علي آغا، سرفراز احمد، سعود شڪيل، شان مسعود ۽ زاهد محمود شامل آهن. چيف سليڪٽر محمد وسيم چيو آهي ته انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ چونڊيل اسڪواڊ سليڪشن ۾ علائقائي ڪارڪردگي کي پڻ ڌيان ۾ رکيو ويو آهي. پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي شروعات پهرين ڊسمبر کان راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندي، ٻي ٽيسٽ 9 ڊسمبر تي ملتان جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ 17 ڊسمبر کان ڪراچي ۾کيڏي ويندي. ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ انگلش ٽيم 27 نومبر تي پاڪستان پهچندي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

بريٽ لي ڀارت جي لاءِ ڳري رقم عطيو ڪري ڇڏي

سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي اڳوڻي فاسٽ بالر بريٽ لي به پيٽ ڪمنس جي واٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے