بريڪنگ نيوز

ڪراچي ۾اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڌاڙيلن خلاف سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين: مقبول باقر

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته صوبائي حڪومت ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڪچي جي ڌاڙيلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ پنهنجا سڀئي وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. هن چيو ته فول پروف حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي ۽ مون کي يقين آهي ته اسان جديد طريقن سان ٻين صوبن مان پڻ ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. هن اها ڳالهه نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي سربراهه ميجر جنرل رضا عزيز جي صدارت هيٺ اين ڊي يو جي 25هين سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چئي. شرڪت ڪندڙن ۾ صوبائي اسيمبلين جا موجوده ۽ اڳوڻا ميمبر، سينيٽرز، سينيئر سول ۽ فوجي آفيسر، تعليمي ماهر ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شامل آهن. پروگرام ۾ صوبائي نگران وزيرن، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، آءِ جي پوليس رفعت مختار ۽ صوبائي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته اڄوڪي اجلاس جو مقصد شرڪت ڪندڙن کي انهن علائقن جي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ آهي جن جو هو دورو ڪري رهيا آهن جهڙوڪه سڪيورٽي چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ گڏيل مسئلن جي حل لاءِ هم آهنگي تي ٻڌل اتحاد قائم ڪرڻ جيڪو گڏيل مسئلن جي حل لاءِ مددگار بڻجندو. هن چيو ته هي 200 ملين کان وڌيڪ ماڻهن جو ملڪ آهي ۽ 2025 تائين اسان وٽ وچولي طبقي جا 100 ملين ماڻهو هوندا،

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيجنگ سان ڀائيواري مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجايو ويو آهي: صدر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري پنهنجي چيني هم منصب شي جِن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے