بريڪنگ نيوز

پيٽرول جي قيمت ۾ 40 رپيا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا في ليٽر گهٽتائي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت مهانگائي جو شڪار عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 40 رپيا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪري ڇڏي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 283 رپيا 38 پئسا ۽ ايڇ ايس ڊي جي قيمت 303 رپيا 18 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت پيٽروليم شين جي عالمي قيمتن ۾ تبديلي ۽ مٽا سٽا جي شرح ۾ بهتري کي نظر ۾ رکندي صارفين لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ترميم ڪئي آهي. نيون قيمتون 12 وڳي (اڄ رات، 16 آڪٽوبر) کان لاڳو ٿينديون ۽ 31 آڪٽوبر تائين برقرار رهنديون. 16 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ پندرهن ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جا نوان اگهه هن ريت هوندا، ان کان علاوه حڪومت ايندڙ هفتي لاءِ لائٽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 19.59 رپيا في ليٽر ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ 22.43 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي آهي. پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي کانپوءِ گاسليٽ جو اگهه 214.85 رپيا في ليٽر ٿي ويو آهي. وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ عبوري حڪومت سمورن پيٽروليم شين تي صفر جنرل سيلز ٽيڪس (جي ايس ٽي) وصول ڪري رهي آهي جڏهن ته پيٽرول تي پيٽروليم ليوي (پي ايل) جي شرح 60 رپيا في ليٽر آهي. جڏهن ته هن مالي سال لاءِ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ اضافي آمدني پيدا ڪرڻ لاءِ اختيارين ڊيزل تي 5 رپيا 55 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيجنگ سان ڀائيواري مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجايو ويو آهي: صدر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري پنهنجي چيني هم منصب شي جِن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے