بريڪنگ نيوز

فلسطينين جي مدد لاءِ تيار آهيون ،اسرائيل فلسطينين جي نشل ڪشي پيو ڪري:پاڪستان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته اسرائيل فلسطين جي غريب عوام جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي فلسطين جي حوالي سان پوزيشن اڳ جهڙي ئي آهي.پرڏيهي وزارت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جليل عباس جيلاني چيو ته او آءِ سي جو خاص اجلاس 18 آڪٽوبر تي جده ۾ ٿيندو، پرڏيهي وزير طور ان ۾ شرڪت ڪندس، اجلاس ۾ انساني الميو به ايجنڊا تي آهي، اجلاس ۾ سيز فائر تي عملدرآمد لاءِ غور ٿيندو، وچ اوڀر ۾ فلسطين جي مسئلي جو حل ڪڍڻ انتهائي اڻٽر آهي.هن چيو ته پاڪستان سدائين فلسطين جي مسئلي تي واضح موقف رکي ٿو، اسرائيل 6 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان فلسطينين جي ظلم ڪري رهيو آهي، اسرائيل فلسطين جي غريب عوام جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، غزا ۾ ماڻهن وٽ پاڻي آهي نه خوراڪ، اسان غزا جي گهيري جي مذمت ڪيون ٿا.سندس چوڻ هو ته اسرائيل فلسطين بابت گڏيل قومن جي ٺهرائن جو احترام ڪري، غزا ۾ انساني امداد لاءِ گڏيل قومن سان رابطي ۾ آهيون، اسان سعودي عرب سان به رابطي ۾ آهيون.جليل عباس جيلاني چيو ته اسرائيل بابت پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، پاڪستان 1967 کان اڳ جون سرحدون، القدس شريف تخت گاهه سان گڏ فلسطين رياست چاهي ٿو، فلسطين تڪرار جو بنيادي سبب ڏسڻ جي ضرورت آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيجنگ سان ڀائيواري مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجايو ويو آهي: صدر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري پنهنجي چيني هم منصب شي جِن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے