بريڪنگ نيوز

پي آئي اي جي بحران سخت صورتحال اختيار ڪري ورتي اداري فوري طور تي 7 ارب روپيا گهري ورتا

ڪراچي  ( اسٽاف رپورٽر) پي آئي  اي جي بحران سخت صورتحال اختيار ڪري ورتي،آپريشن مڪمل بند ٿيڻ جو خدشو آهي. اداري کي ترت 7 ارب روپين جي ضرورت آهي. تفصيل  موجب  پاڪستان انٽر نيشنل ايئرلائين  هن وقت بدترين بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. فنڊ نه ملڻ پي آئي اي فلائٽ آپريشن بند ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. اداري کي ترت 7 ارب روپين جي ضرورت آهي. ذريعن  موجب بينڪن پاران  حڪومتي گانٽي جي باوجود پئسا جاري نه ڪيا ويا. پي آئي اي جي جي ايم فنڊز مينيجمينٽ پاران هوابازي  وزارت کي  خطب به لکيو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ترت فنڊ نه مليا ته آپريشن  بند ٿيڻ جو خدشو آهي.  اياٽا سروسز به  ڪنهن به وقت رقم ادا  نه ٿيڻ سبب بند ٿيڻ جو امڪان آهي. متن ۾ چيو ويو آهي ته دبئي ايئرپورٽ تي به ڪجهه ڏينهن فيول جي فراهمي بند ڪئي وئي هئي. پي آئي اي جي جي ايم فنڊز مينجمينٽ ايوي ايشن ڊويزن کي به خط لکي مدد جي اپيل ڪئي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے