اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ فيصل واوڊا سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل بابت هڪ ٻئي دعويٰ ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته ارشد شريف قتل جون شاهديون اڃا پيش ناهن ڪيون، اهو تڪليف ڏيندڙ معاملو آهي، ان ڪيس ۾ ڪِريل قسم جو مذاق نه ڪرڻ گهرجي. هن دعويٰ ڪئي ته ارشد شريف جو سازشي قتل ٿيو ۽ ويجهي کان گولي هنئي وئي، جيستائين مان پريس ڪانفرنس نه ڪئي هئي پاڪستان سُتل هو. سندس چوڻ هو ته ارشد شريف جي فون ۽ آءِ پيڊ نه مليو، جيڪي قتل ۾ ملوث آهن اهي طاقتور آهن، پلانر ۽ سمجهدار آهن، ڏوهارين کي پڪڙڻ گهرجي، جيڪي پاڪستان مان سولائيءَ سان نڪري ويندا آهن، اسان کي گولي هلائڻ واري نه پر هلرائڻ واري تائين پهچڻ گهرجي. فيصل واوڊا چيو ته مارچ تائين ڌڪڻ عمران خان کي بند گهٽي ڏانهن وٺي وڃڻ آهي ۽ عمران خان کي نااهل ڪري مان نه اهي ئي وزيراعظم ٿيندا، عمران خان پارٽي اندر صفائي ڪري، هو منهنجو ليڊر هو، ساڻس ڪو رابطو ناهي ٿيو پر گهرائيندو ته هليو ويندس.
