بريڪنگ نيوز

ميانوالي ۾ پوليس چوڪيءَ تي حملو،2 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ اهلڪار شهيد

ميانوالي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ميانوالي ۾ پوليس چوڪيءَ تي حملو، هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو، 2 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ جي پنجاب عثمان انور موجب 10 کان 12 دهشتگردن  ڪنڊل واري علائقي ۾ پوليس چوڪيءَ تي حملو ڪيو، ڇت تي مورچابند اهلڪار جي جوابي فائرنگ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا . آءِ جي پنجاب موجب پوليس چوڪيءَ تي ٻطرفو حملو ڪيو ويو، پوليس ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو. حملي ۾  پوليس ڪانسٽيبل هارون خان دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائيندي شهيد ٿي ويو۽ 2 دهشتگرد مارجي ويا. ميانوالي ۾ مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي، امير ٽي ٽي پي لڪي مروت جو ڀاءُ به شامل آهي. سي ٽي ڊي عملدارن موجب دهشتگردن جي سڃاڻپ زبير نواز ۽ محمد خان جي نالن سان ٿي آهي جن جو تعلق ڪالعدم ٽي ٽي پي سان هو. سي ٽي ڊي عملدارن موجب زبير نواز جو تعلق ڪالعدم ٽي ٽي پي جي ٽيپو گروپ سان هو جيڪو لڪي مروت جي ٽي ٽي پي امير ارشد نواز جو ڀاءُ هو، زبير نواز پنجاب ۾ فرقيواريت قتل، ڀتا خوري ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث هو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيجنگ سان ڀائيواري مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجايو ويو آهي: صدر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري پنهنجي چيني هم منصب شي جِن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے