بريڪنگ نيوز

ملڪ دشمن پاڪستان ۾ امن ۽ ترقي کي ناڪام ڪرڻ چاهين ٿا: سرفراز بگٽي

اسلام آباد (رپورٽر) نگران گهرو  وزير سرفرار بگٽي ميانوالي ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگردي حملي جي سخت مزمت ڪندي چيو آهي ته پوليس اهلڪارن بهادري سان وڙهندي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته پوليس جي  بهادر جوانن دهشتگردن کي جهنم اماڻي  ڇڏيو. هن چيو ته شهادت ماڻڻ تي پوليس اهلڪار  هارون خان  کي خراجي عقيدت پيش ڪيون ٿا. سرفراز بگٽي چيو ته شهيد هيڊ ڪانسٽيبل جي  بلند درجن لاءِ دعاگون آهيون. ڏک جي هن گهڙي ۾ شهيد جي گهرڀاتي سان گڏ بيٺا آهيون. گهرون وزير چيو ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون  اسان جا  حوصلا ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. هن چيو ته ملڪ دشمن پاڪستان ۾ امن ۽ ترقي کي ناڪام ڪرڻ چاهين ٿا. دهشتگردي  جي خلاف جنگ ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن  جون قربانيون فراموش ڪرڻ جوڳيون ناهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪي پي حڪومت جي ترجمان جا چونڊ عمل تي بي بنياد الزام رد ڪريون ٿا: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته  دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ناڪام ڪوشش …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے