بريڪنگ نيوز

آمريڪا، ايران ۽ يو اي اي طرفان پاڪستان ۾ آپگهاتي ڌماڪن جي مذمت

اسلام آباد(م ڊ)آمريڪا، ايران، متحده عرب امارات(يو اي اي) ۽ ڪويت سميت مختلف ملڪن مستونگ ۽ هنگو ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪن جي مذمت ڪندي پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان ۾ آپگهاتي ڌماڪن جي مذمت ڪندي آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته حملن ۾ نمازي ۽ عام ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا آهن. پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته اڄ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي ٿي آهي، اهڙي نازڪ صورتحال ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل  آهيون. ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جو مقصد مسلمانن ۾ نفرتون پيدا ڪرڻ آهي. دهشتگردي ۽ انتها پسندي سان وڙهڻ لاءِ پاڪستان سان تعاون لاءِ تيار آهيون. متحده عرب امارات طرفان به دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪندي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو. جڏهن ته ڪويت جي امير ۽ وزيراعظم طرفان به پاڪستان ۾ آپگهاتي حملن ۽ دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪئي وئي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن 12 ربيع الاول جي موقعي تي ملڪ ۾ دهشتگردي جا 2 واقعا پيش آيا هئا. بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ عيد ميلادالنبي صه جي جلوس ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي ۾ ڊي ايس پي مستونگ سميت 52 ڄڻا فوت ۽ 60 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا. جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي ضلعي هنگو جي تعلقي دوآبه ۾ مسجد جي ٿاڻي ۾ جمعي تي ٿيل آپگهاتي حملي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، گهرو وزير سينيٽر سرفراز بگٽي، مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف ،ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي، سنڌ جي نگران وڏي وزير ۽ پنجاب سميت ٻين سياستدانن به آپگهاتي ڌماڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيجنگ سان ڀائيواري مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجايو ويو آهي: صدر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري پنهنجي چيني هم منصب شي جِن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے