بريڪنگ نيوز

پنجاب ۾ هڪ ڏينهن دوران اکين جي بيماري جا 10 هزار نوان مريض رپورٽ

لاهور(م ڊ) پنجاب ۾ 24 ڪلاڪن دوران اکين جي بيمارين جا 10 هزار 269 نوان مريض رپورٽ ٿي ويا آهن. پنجاب جي هيلٿ کاتي موجب پنجاب ۾ اکين جي بيماري واري صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. صرف هڪ ڏينهن دوران پنجاب جي مختلف شهرن ۾ اکين جي بيماري جا وڌيڪ 10 هزار 269 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن جنهن کان پوءِ پنجاب جي 36 ضلعن ۾ اکين جي بيماري جي رپورٽ ٿيل مريضن جو انگ 3 لک 94 هزار 795 ٿي ويو آهي. پنجاب جي هيلٿ کاتي موجب راولپنڊي ۾ اکين جي بيماري جا ٽوٽل 9119 مريض رپورٽ ٿيا. فيصل آباد ۾ گذريل ڏينهن اکين جي بيماري جا 1132 نوان مريض سامهون آيا جنهن کان پوءِ صرف فيصل آباد ۾ اکين جي بيماري ۾ ورتل مريضن جو انگ 30.971 ٿي ويو آهي. ملتان ۾ گذريل هڪ ڏينهن دوران اکين جي بيماري جا 1048 نوان مريض سامهون آيا جنهن کان پوءِ اتي ٽوٽل مريضن جو انگ 16.351 ٿي ويو آهي. بهاوالپور ۾ گذريل 1540 نوان مريض سامهون آيا پنجاب ۾ سڀني کان وڌيڪ 77.638 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. لاهور ۾ گذريل ڏينهن اکين جي بيماري جا 452 نوان مريض سامهون آيا جنهن کان پوءِ اتي مريضن جو انگ 23.397 ٿي ويو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ پاسپورٽ ۽ اميگريشن سسٽم کي پڻ تيز ۽ فول پروف بڻايو ويو آهي: محسن نقوي

بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ)گهرو معاملن واري وفاقي وزير وزير محسن نقوي بيجنگ پبلڪ سيڪيورٽي جي پاسپورٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے