بريڪنگ نيوز

جسٽس صلاح الدين پنهور جو يحيٰ آفريدي کي خط،27 هين ترميم جو جائزو ورتو ُڃي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي هڪ ٻئي جج چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکي ڇڏيو آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور به چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکيو جنهن ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور فل ڪورٽ اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.خط جي متن موجب فل ڪورٽ اجلاس گهرائي آئيني ترميم جو شق وار جائزو ورتو وڃي، لا اينڊ جسٽس ڪميشن ۽ عدالتي پاليسي تيار ڪندڙ ڪميٽي کي به مشاورت ۾ شامل ڪيو وڃي.ط ۾ چيو ويو ته 27هين آئيني ترميم اختيارن جي توازن کي خراب ڪري سگهي ٿي. آئين گهري ڪري ٿو ته سپريم ڪورٽ انهي جو تحفظ ڪري.جسٽس صلاح الدين پنهور پنهنجي خط ۾ چيو ته تاريخ اسان جي آساني نه پر اسان جي فيصلن کي هميشه ياد رکندي. عوام جي ڀروسي کي بچائڻ لاءِ فوري طور تي فل ڪورٽ اجلاس گهرايو وڃي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے