بريڪنگ نيوز

استعيفيٰ زباني نه پر لکت واري ئي قبول ٿيندي آهي، زباني استعيفيٰ آئيني طور تسليم نه ٿيندي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته استعيفا جو عمل صرف لکت واري صورت ۾ مڪمل هوندو آهي ۽ فلور آف دي هائوس تي ڏنل زباني استعيفيٰ آئيني طور تسليم نٿي ڪئي وڃي. سينيٽ اجلاس دوران قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ پارٽي سربراهه جي هدايتن، پارليامينٽ جي ميمبرن جي ووٽن ۽ استعيفيٰ جي آئيني طريقيڪار بابت تفصيلي وضاحت پيش ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪو ميمبر پارٽي سربراهه جي مرضي خلاف ووٽ ڏي ٿو ته پارٽي سربراهه پرزائيڊنگ آفيسر کي لکت ۾ آگاهه ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته ڪجهه وقت ميمبرن کي پارٽي جون هدايتون ئي ناهن ملنديون. وفاقي وزير واضح ڪيو ته استعيفيٰ جو عمل صرف لکت واري صورت ۾ مڪمل ٿئي ٿو. هن ٻڌايو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ داخل ڪئي، عدالت کان منع نامو حاصل ڪرڻ کانپوءِ 10 مهينن جون پگهارون وصول ڪيون، جنهن تي بعد ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اپيل داخل ڪئي. قانون واري وزير چيو ته پارٽي سربراهه ڪنهن ميمبر خلاف ريفرنس موڪلڻ کان پهرين ان جو موقف ٻڌڻ جو پابند آهن. هن چيو ته ڊي سيٽ ڪرڻ جو معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلي سگهجي ٿو، فيصلو اچڻ کانپوءِ سڌي ريت اپيل سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪري سگهجي ٿي، ووٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ پارليامينٽ ميمبر جو انفرادي حق آهي، جڏهن ته پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ آئيني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. سينيٽ چيئرمين قانون واري وزير کي آرٽيڪل 63 پڙهڻ جي هدايت ڪئي، جنهن کانپوءِ هن لاڳاپيل آئيني شقون ايوان ۾ پڙهي ٻڌايون، هن چيو ته بجيٽ ترميمن تي ووٽنگ، 18 هين ترميم وقت پارلياماني قيادت جي مشاورت ۽ هائوس جي ڪارروائي دوران مختلف آئيني ۽ قانوني نڪتن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. قانون واري وزير چيو ته مارشل لا دورن باوجود جمهوريت جي تسلسل کي برقرارر کڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ آرٽيڪل 6 تحت عدالتن کي ڪنهن غير آئيني قدم جي توثيق جو اختيار حاصل ناهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته فيڊرل ڪانسيپٽ تحت پارلياماني مواد ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، نيشنل اسيمبلي ۾ هائوس پيپر ذريعي تفصيل بيان ڪيا ويا ۽ آئيني فريم ورڪ تحت سموريون ترميمون ۽ قانوني خال (Flaws)  بحال ڪيا ويا. قانون واري وزير چيو ته سمورا آئيني ۽ قانوني نڪتا ايوان ۾ وضاحت سان پيش ڪيا ويا آهن، ته جيئن قانونسازي جو عمل شفاف ۽ آئين موجب رهي سگهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي سلامتي جا مسئلا اسان جي اولين ترجيح آهن، ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندو: محسن نقوي

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر محسن نقوي چيو آهي ته امن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے