بريڪنگ نيوز

قومي سلامتي جا مسئلا اسان جي اولين ترجيح آهن، ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندو: محسن نقوي

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر محسن نقوي چيو آهي ته امن امان ۽ قومي سلامتي جا مسئلا اسان جي اولين ترجيح آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ هن چيو ته هاڻوڪن حملن جي سلسلي ۾ اسلام آباد ڌماڪي ۽ وانا ۾ ملوث ڪردارن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ جاچ جاري آهي. گهرو وزير ٻڌايو ته جاچ واري عمل مان معلوم ٿيو آهي ته انهن واقعن ۾ ملوث ڪجهه ماڻهن جو تعلق افغانستان سان آهي. محسن نقوي چيو ته عالمي سطح تي به رابطا جاري آهن، ڪالهه سريلنڪن رانديگرن سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ سريلنڪن صدر به پنهنجي ٽيم سان رابطو ڪيو. هن ٻڌايو ته زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم به پاڪستان پهچي چڪي آهي ۽ لاڳاپيل سيڪيورٽي انتظامن کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي. فيلڊ مارشل به انهن ٽيمن جي سيڪيورٽي سربراهن  سان رابطا رکيا. گهرو وزير ان طرفن ڌيان ڇڪرايو ته افغانستان کان ايندڙ ڌريون ڪجهه وقت هتي غير قانوني طور تي اچي حملن ۾ ملوث ٿي وينديون آهن جنهن سان اسان جو دفاعي ۽ حفاظتي چئلينج وڌي رهيو آهي. هن چيو ته ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪومت جي اولين ترجيح غير قانوني افغان پناهگيرن جي هتان کان بي دخلي آهي ۽ ان سلسلي ۾ قانون ي۽ انتظامي قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته گهرو کاتو شفاف جاچ ۽ قرباني ڏيندڙن جي وارثن جي هر ممڪن مدد کي يقيني بڻائيندو. گهرو وزير عوام کي تعاون ۽ امن ۽ سلامتي لاءِ ضروري معلومات شيئر ڪرڻ جي اپيل به ڪئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

جسٽس صلاح الدين پنهور جو يحيٰ آفريدي کي خط،27 هين ترميم جو جائزو ورتو ُڃي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي هڪ ٻئي جج چيف جسٽس يحيٰ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے